مسلمان ٿي پسند جي شادي ڪندڙ آرتي جو ڪيس سي ڪلاس ٿي ويو

0
979

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو پوليس مبينا طور اغوا بعد مسلمان ٿي پسند جي شادي ڪندڙ آرتي عرف عائشه جو ڪيس سي ڪلاس ڪري ڇڏيو، لاڙڪاڻو جي عدالت ۾ ڪيس تي ٻڌڻي دوران آرتي ۽ سندس مڙس فواد کي پيش نه ڪيو ويو، پوليس عدالت کي ڪيس سي ڪلاس ڪرڻ بابت آگاهي ڏئي ڇڏي، ڪيس تي فيصلو ٻڌائڻ کان اڳ آرتي جي وارثن جو موقف ٻڌڻ واري استدعا بعد ٻڌڻي سومر تائين ملتوي، ٻڌڻي دوران آرتي جي وارثن سوڌو وڏي انگ ۾ هندو برادري جا ماڻهو عدالت پهتا، عدالت جا در بند ڪرڻ تي هندو برادري جي ماڻهن ۽ پوليس اهلڪارن ۾ منهن ماري پڻ ٿي.