مسلمانن کي سمورا ويڇا ختم ڪري گڏ ٿيڻ گهرجي: امام ڪعبه جو حج خطبو

0
349
مسلمانن کي سمورا ويڇا ختم ڪري گڏ ٿيڻ گهرجي: امام ڪعبه جو حج خطبو
مسلمانن کي سمورا ويڇا ختم ڪري گڏ ٿيڻ گهرجي: امام ڪعبه جو حج خطبو

 امام ڪعبه چيو آهي ته منظم ٿي رهڻ ۾ الله جي رحمت ۽ ٽولن ۾ ٿي رهڻ مصيبت آهي، مسلمانن کي سمورا ويڇا ختم ڪري گڏ ٿيڻ گهرجي

فوٹو رائٹرز

مسجد نمريٰ ۾ شيخ ڊاڪٽر يوسف بن محمد جو حج خطبو ڏيندي چيو ته مسلمانن کي تفرقو ۽ وڇوٽيون پيدا ڪندڙ هر عمل کان پاسو ڪرڻ جو حڪم آهي شيطان انسانن جي وچ ۾ تفرقو ۽ ڏڦيڙ پيدا ڪري ٿو، جيڪو نيڪي ڪري بدلي ۾ ان سان نيڪي ڪيو

حج جي خطبي کانپوءِ لکين پانڌيئڙن نمريٰ مسجد جي ميدان عرفات ۾ ٻپهري ۽ ٽپهري جي نماز ادا ڪئي، حج جو رڪن اعظم وقوف عرفه شروع ٿي ويو

فوٹو رائٹرز

سانجهي بعد حاجي مزدلفه  رونا ٿي ويندا، مزدلفه ۾ مغرب ۽ عشاء جي نماز گڏ ادا ڪئي ويندي، حج پانڌيئڙا  مزدلفه ۾ آرام بعد 70 پٿريون جمع ڪندا، وقوف مزدلفه  کانپوءِ 10 ذي الحج تي رمي جمرات ڪندا