ميهڙ (رپورٽ: پاويل جوڻيجو) ميهڙ شهر ۾ وڌندڙ بدامني،گندگي، پاڻي جي کوٽ ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي واپارين، سول سوسائٽي جي اڳواڻن پاران منور علي جتوئي، تنوير،حبيب چانڊيو ، نياز علي ٻرڙو، ذوالفقار علي کوکر، سڪندر سوڍر۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 2 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري گهنٽا گهر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيون، ان موقعي تي اڳواڻن دانهيندي چيو ته شهر جا چونڊيل نمائندا ۽ ضلعي انتظاميا شهرين کي درپيش مسئلن جا ذميوار آهن، اڳواڻن چيو ته شهر ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي، چوريون ۽ ڦرون معمول آهن پر پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوبه قدم ناهي کنيون، شهر ۾ صفائي جو نظام خراب هجڻ، پيئڻ جي صاف مٺي پاڻي جي فراهمي بند هجڻ، زرعي پاڻي جي کوٽ ۽ بجلي جي لوڊ شيڊنگ سبب سخت پريشان آهيون، شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، مظاهرين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بنيادي مسئلا حل ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.