مرزاپور (ن پ ا) مرزاپور لڳ ڳاهيجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ عزت جي وانڍ ۾ جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار تان هڪ مهينو اڳ 2 نوجوانن امتياز ۽ عبدالجبار جوڻيجو کي قتل ڪيو ويو هو، ان حوالي سان مختلف ٿاڻن جي پوليس اٽالن اي پي سي چين ساڻ ڪري ايس ايچ او ڳاهيجا جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ عزت جي وانڍ تي چڙهائي ڪري ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سندن گهرن ۾ تلاشي وٺي مبينا طور عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد توڙي ڀڃ ڊاهه بعد هڪ ڄڻي احسان عرف تاجل جوڻيجو کي گرفتار ڪري کڻي وئي، ٻي طرف متاثر ڳوٺاڻن مقبول جوڻيجو، پيرل جوڻيجو ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانيهندي چيو ته ايس ايچ او مخالفن کان رشوت وٺي اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري ڀڃ ڊاهه بعد عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪري اسان جي همراهه کي گرفتار ڪري کڻي وئي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته پوليس زيادتين جو نوٽيس ورتو وڃي.