مدئجي (ن پ ا) مدئجي جي ڪچي جي علائقي ڳوٺ ربنواز مڱڻيجو ۾ ڪلهوڙا مگڻيجا تڪرار تان قتل ٿيل ٽن ڄڻن محرم مگڻيجو، سراج ڪلهوڙو، علي نواز خروس جي قتل جو ڪيس عبدالحميد ڪلهوڙو جي فرياد تي ويهه ميل ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي. عبدالحفيظ ڪلهوڙو، رمضان ڪلهوڙو،قربان ڪلهوڙو،بشير، سهيل، آصف، سميت 9 سڃاتل ۽ 3 نامعلوم جوابدارن سميت 12 ڄڻن کي جوابدار طور نامزد ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ڪجھ ڏينهن اڳ ڪلهوڙا مگڻيجا تڪرار تان ٽي ڄڻا قتل ٿيا هئا ڪيس داخل ٿيڻ باوجود ويهه ميل پوليس جوابدارن جي گرفتارين لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو.