محبتن جو مفھوم، خوني واقعا ۽ سنڌ

0
212
سنڌي-ٻولي-جاڳرتا-مھم-۽-اسان-جون-ذميواري

  محبت زندگي آهي ۽ زندگي جو هر خوبصورت پل محبت سان جڙيل آهي. شيخ اياز محبت ۽ زندگي جي لاڳاپي کي سمجهائيندي ڪجهه هن ريت چوي ٿو.:

خبر نه آهي ته ڇو آهي ۽ ڇا آهي!

محبت زندگي جي انتها آهي

محبت بنا زندگي ڄڻ ڇسي لڳي ٿي، جيڪو ماڻهو محبت جي مفهوم کي سمجهي ٿو اهو ماڻهو زندگي جي هر پل خوبصورتي سان گذاري ٿو. جڳن کان انسان هڪ ٻئي سان محبت جي رشتي سان ڳنڍيل آهي محبت ۽ درد جو رشتو ايترو ئي پراڻو آهي جيترو انسان جو وجود. محبت جا ڪي پيمانا ناهن هوندا.دنيا جو هر ماڻهو فطري طور تي پنهنجي ڌرتي سان محبت ڪري ٿو ۽ انهي جا گيت ڳائي ٿو. دنيا جو عظيم پيار پنهنجي جيجل امڙ سان جڙيل آهي امڙ جو پيار صدين جو ڇانورو آهي ڪو ماڻهو فطرت سان محبت ڪري ٿو ته ڪو ماڻهو پنهنجي محبوب سان محبت ڪري ٿو.

هر محبت اڃا حسين آهي

هر تمنا اڃا جوان آهي

زندگي موت جي قريب آ پر

ڪوئي محبوب درميان آهي

بسنت رت جي آمد جي موقعي تي گذريل ڏينهن  14 فيبروري تي جڏهن سموري دنيا ۾ “ويلنٽائن ڊي ملهايو”پئي ويو تڏهن مون کي ھن سنڌي سماج جو اھو آئينو نظر پئي آيو جتي محبتون ڄڻ ڪي ممنوع بڻيل آهن. ھن ڏينهن  تي ڪيترائي نوجوان پنهنجن پيارن کي گلن جا تحفا ڏئي پنهنجي محبت جو اظهار ڪندا آهن. 14 فيبروري تي دنيا ۾ جتي ويلنٽائن ڊي ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي. اتي سنڌ جا اڪثر  نوجوان اهو ڏينهن ملهائڻ کان ناآشنا هوندا آهن. اسان ان سماج جو حصو آهيون جتي نوجوانن جي  زندگي کي زھر بنائڻ جا جتن ٿين ٿا. ھي اسان جو اھو سماج آهي جتي پيار ڪندڙ  نوجوانن کي ڪارو ڪاري جو رنگ ڏئي موت جي ننڊ سمهاريو وڃي ٿو ته ڪڏهن انھن نوجوانن جي پيار جي پيچرن تي ڪنڊا وڇايا وڃن ٿا. گذريل سال تي ٿر جي ٻن نوجوانن( ناري ۽ مرد) جي پيار ڪھاڻي ھڪ ڀيانڪ انجام تي پھتي ھئي.ھن وقت اسان جو سماج انارڪي ڏانهن وڌي رھيو آهي سماجي انارڪي ھن سماج کي نفرتن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي هاڻي ته سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگي جوحقيقي رومانس۽ ڳوٺاڻي زندگي جا سمورا رنگ انا، ڏاڍ، ڏھڪاءَ جي ور چڙهي ويا آهن. سنڌ جون شاندار روايتون انا جي ٽياس تي ٽنگيل آهن.

ڳوٺن ۾ هر ماڻهو ڄڻ ھڪ ٻئي جي رَت جو پياسي بڻيل آهي “جھالت” سنڌي سماج جي بنيادن کي لوڏي ڇڏيو آهي، معمولي ڳالھين تي جهيڙن جي ڪري اتر سنڌجي ڳوٺن جا ويڙھا ويران ٿي ويا آهن پر قانون اتي بيوس بڻيل آهي. اتر سنڌ جي شھرن ۽ ڳوٺن ۾ برادري جھيڙن سبب انهن ڳوٺن ۽ شھرن ۾ ڏاڍ ۽ ڏھڪاءَ جو سمان آهي، انھن ڳوٺن ۾ جهيڙن جي نتيجي ۾ بيگناهه معصوم ماڻهو موت جو کاڄ بڻجن ٿا پيا. زميني تڪرارن ۽ معمولي ڳالهين تان برادري جهيڙن اتر سنڌ جي علائقي کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي ڇڏيو آهي.اتر سنڌ ۾ اهي برادري جهيڙا پيار جي پرڻن، زمين جي مالڪي، وڻن جي واڍي،چوپايي مال جي چوري ٻارن جي معمولي ڳالهين ۽ ٻين ننڍين ننڍين ڳالهين جي ڪري ٿيندا رھن ٿا. گذريل ھڪ ھفتي دوران سنڌ ۾ ٻه   اھڙا واقعا پيش آيا آهن، انهن مان ھڪڙي واقعي ۾نواب ولي محمد ۾ زميني تڪرار تان 5 ڳوٺاڻا قتل ٿي ويا ۽ ڪلھه  وري تماچاڻي ٿاڻي جي حد ۾  سکر ڀرسان زميني تڪرار ۽ وڻن جي واڍي تان شيخ برادري جا6 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن. جھيڙيندڙ ڌريون پاڻ ۾ سڳا سوٽ آهن، ھي ٻئي واقعا اھڙي نوعيت جا آهن جن ۾ وڏيرن جي سرپرستي ۽ مقامي پوليس جي لاپرواھي ۽ لاقانونيت نظر اچي ٿي. ھنن  واقعن تي سموري سنڌ سوڳوار بڻيل آهي ۽ سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي. ھنن بي گناهه ماڻهن جي موت تي ھر اک آلي آهي ۽  سنڌ ماتم ڪندي نظر ٿي اچي . بنيادي سوال اھو آهي ته ھن خونريزي جي رستا روڪ ڪيئن ٿي ڪري سگھجي؟ا سنڌ ۾ “خوني راند ”بند ٿيڻ جو نالو  نه ٿي وٺي.

اسان وٽ شايد سنڌ ۾ قانون ايترو بيوس بڻيل آهي جو جھيڙيندڙ ڌرين جي سرچاءُ جا اڪثر  فيصلا جرڳن ۾ ٿين ٿا انھي جي ڪري ڪنهن متاثر ڌر کي انصاف پلئه ناهي پيو. ھي سنڌ امن جي ڌرتي آهي ھن وقت سنڌ بي گناهه ماڻهن جي قتل خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهي ته پوءِ ھنن بي گناهه ماڻهن جي قتل جو انصاف ٿيڻ گھرجي.