مانجهند: نينگر جي قتل ۾ ملوث جوابدار مبينا مقابلي ۾ مارجي ويو

0
290
مانجهند: نينگر جي قتل ۾ ملوث جوابدار مبينا مقابلي ۾ مارجي ويو
مانجهند: نينگر جي قتل ۾ ملوث جوابدار مبينا مقابلي ۾ مارجي ويو

مانجهند (رپورٽر) مانجهند ڀرسان نينگر جي قتل ۾ ملوث جوابدار مبينا مقابلي ۾ مارجي ويو

ان سلسلي ۾ سي آءِ اي پوليس جو چوڻ آهي ته نينگر علي مرتضيٰ ملاح جي قتل ۾ ملوث جوابدار مقابلي ۾ مارجي ويو

پوليس موجب قاتل کي گرفتار ڪرڻ لاءِ خاصائي پٽ قبن واري موري وٽ ڇاپو هنيو ته جوابدار فائرنگ ڪئي

پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته جوابي ڪارروائي ۾ ڪامو رند مارجي ويو، جوابدار وٽان پسٽل به هٿ ڪيو آهي

ياد رهي ته 7 ڏينهن اڳ معصوم نينگر علي مرتضيٰ ملاح جو ڪپڙن کان آجو ۽ تشدد ٿيل لاش مليو هو