ڪنري ۾ 5 ٻارن جي ماءُ 3 ٻارن جي پيءُ سان پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو

0
240
ڪنري ۾ 5 ٻارن جي ماءُ 3 ٻارن جي پيءُ سان پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو
ڪنري ۾ 5 ٻارن جي ماءُ 3 ٻارن جي پيءُ سان پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو

ڪنري (رپورٽر) ڪنري ۾ 5 ٻارن جي ماءُ 3 ٻارن جي پيءُ سان پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو، جوڙو تحفظ لاءِ پريس ڪلب پهچي ويو

ڪنري ويجھو ڳوٺ سپڙ دل جي رھواسڻ پنجن ٻارن جي ماءُ جمنا ڪولھي ڳوٺ امير سلطان چانڊيو واسي ٽن ٻارن جي پيءُ رامچند ڪولھي سان مذھب موجب پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو

جوڙي عمرڪوٽ جي ڪورٽ ۾ شادي ڪرڻ بعد تحفظ لاءِ نيشنل پريس ڪلب پھچي تنگ ڪندڙن خلاف احتجاج ڪيو، انصاف جي گهر پڻ ڪئي

ناري جمنا ڪولهي جو چوڻ هو ته  اڳوڻو مڙس راڻو ڪولھي تشدد ڪندو ھو، رامچند سان فون تي رابطو ٿيڻ بعد محبت ٿي

ناري چيو ته اڳوڻي مڙس کي طلاق ڏئي پنھنجي رضا خوشي سان عدالت ۾ رامچند سان پرڻو ڪيو آھي، ڪنھن به اغوا ناهي ڪيو، پھرين پنج ئي ٻار اڳوڻي مڙس وٽ آھن

پريمي رامچند ڪولهي موجب جمنا سان محبت بعد پھرين زال کي طلاق ڏئي جمنا سان شادي ڪئي آھي جنھن تان جمنا جا وارث ويري بڻجي ويا آھن

جوڙي جو چوڻ هو ته راڻو، سورج، لالو، راجو، تارو ۽ ڌنجي وارا دشمن بڻجي ويا آھن ۽ زندگين کي خطرو آھي، ايس ايس پي عمرڪوٽ ۽ ٻيا نوٽيس وٺي تحفظ فراھم ڪن