ماتلي ۾ باهه ڏنل عورت زخمن جا سور نه سهندي فوت

0
463

ماتلي (ن پ ا) ماتلي جي واپڊا ڪالوني ۾ باهه ڏنل عورت ناهيد بروهي حيدرآباد اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، ناهيد بروهي کي باهه ڏيڻ جو واقعو هفتو اڳ پيش آيو هو، عورت جي وارثن طرفان قتل جو شڪ ظاهر ڪرڻ بعد پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس جو چوڻ آهي ته عورت کي 9 ٻارن جو اولاد هو پر هوءَ پنهنجي مڙس سان گڏ نه رهندي هئي، عورت کي سندس چاهيندڙ قتل ڪيو آهي، جنهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي..