مائرن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان … ماوان ٺنڊيان ڇاوان…..!

0
225
مائرن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان ... ماوان ٺنڊيان ڇاوان.....!

  مائرون بَڙ جي گهاٽي ڇانوَ جھڙيون هُونديون آھن. مائرون هُونديون آھن ته ماڻهوءَ جي دل ڀريل هُوندي آھي. مائرون پنهنجي اولاد لاءِ هڪڙي محفوظ پناھ گاھ هونديون آھن. دُنيا جي ڪمن ڪارن مان بيزار ٿي جڏھن ماڻهو گهر ايندو آھي تڏھن اُھا ماءُ ئي هُوندي آھي جيڪا اولاد جي اکين مان ڏُک سُک پري کان پرکي وٺندي آھي ۽ يڪدم آٿت بڻجي ويندي آھي. گهر اچي ماءُ جي هنج ۾ مٿو رکڻ سان ماڻهوءَ جي سموري ٿڪاوٽ ۽ هر پريشاني پل ۾ دُور ٿي ويندي آھي. ماءُ پنهنجي نڀاڳي اولاد سان به ايترو ئي پيار ڪندي آھي جيترو سڀاڳي سان ڪندي آھي. ماءُ لاءِ ٻئي اکيون برابر هُونديون آھن. ماءُ جنهن جي هٿن جا پچايل رُکا لولا ماڻهوءَ کي ست رڇين کان وڌيڪ سوادي لڳندا آھن. ماءُ جنهن جي لولي ٻُڌي ستن ڏينهن جو بُکايل ٻار به سُمهي پوندو آھي. ماءُ جنهن جو خالي هٿ هڪ سئو چار ڊگري بُخار ۾ تپندڙ رڳن تي پَوي ته برف جي پها وانگي ٿڌڪار بڻجي ويندو آھي. ماءُ، جنهن جا هٿ هر درد ۾ بي لوث دُعائن جا ضامن هوندا آھن. ماءُ، جنهن جون آشيروادي اکيون اولاد جي دولت ۾ نه، پر صحت ۾ هونديون آھن. ماءُ اولاد جي حياتيءَ کي حرارت بخشي ٿي، تنهن ماءُ جي ٿڃ جو قسم! ماڻهوءَ جي چهري جي رنگت رڙيون ڪري ٻُڌائيندي آھي ته ماءُ سان اولاد ڪيڏي مُحبت ڪندو آھي! ماءُ جو وڇوڙو اولاد کي وڄائي ڇڏيندو آھي،  اولاد جا ڪڻڪ رنگا چهرا ڪوئلي وانگي ڪارا ٿي ويندا آھن. ماڻهو پنهنجي ماءُ جي ڏُک ۾ رڳو رُوئندو ناهي پر ڌُوڌي وانگي دُکندو به آھي.

ڪيڏي نه اذيت ڏيندڙ هُوندي آھي اُھا گهڙي، جنهن ۾ مائرون پنهنجي اولاد کان هميشه لاءِ وڇڙي وينديون آھن. جڏھن مائرون وڇڙي وينديون آھن تڏھن خُدا  جي هن خُوبصورت دُنيا ۾ اولاد اڪيلو ۽ تَن تنها ٿي پوندو آھي. هي هيڏي ساري وشال دُنيا ڏانئڻ وانگي کائڻ ايندي آھي. ماءُ بنان گهر قبرستان لڳندو آھي. ڪَن ماءُ جو آواز ٻُڌڻ لاءِ ترسي ويندا آھن. اکيون گهر جي هر ڪُنڊ ۾ ماءُ کي ڳولينديون آھن، پر ڦٿڪندڙ دل کي ڏڍُ ڏيڻ واري ماءُ جڏھن ڪٿي به ناهي ملندي تڏھن ماڻهو روئڻ تي ڇُٽندو آھي. لُڙڪ لهو بڻجي ويندا آھن پر مائرون واپس ناهن ورنديون..دُنيا ۾ پئسي سان هر وستو ملي سگهي ٿي پر ماءُ، پيءُ ۽ انهن جو پيٽ يعني ڀاءُ ۽ ڀيڻ نٿا ملي سگهن.

هن دُنيا ۾ وقت پُڄاڻان هر شئي وسريو وڃي ٿي، گھري کان گھرو گهاوَ به گهڻن ڏينهن کان پوءِ ڇُٽي وڃي ٿو، پر نٿي وسري ته ماءُ نٿي وسري..ماءُ، جنهن جي ٿڃ پِي ماڻهو وڏو ٿئي ٿو. ماءُ جنهن جي آڱر پڪڙي هن دُنيا ۾ ماڻهو هلڻ سکي ٿو. ماءُ جنهن جي مٺي ٻولي ٻُڌي ماڻهو ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو.

اُھا ماءُ نه رهي ته پوءِ دُنيا دوزخ جي هوا بڻجي پوندي آھي. ماءُ هُوندي آھي ته دل ڀريل ھُوندي آھي. دل ڀريل هُوندي آھي ته خالي کيسو هوندي به ماڻهو شهزادن وانگي هلندو پيو آھي. مائرن جي مري وڃڻ کان پوءِ دل به خالي ٿي ويندي آھي بس رُڳو اکيون ڀرجي وينديون آھن..! ڀريل اکيون کَڻي هن هيڏي ساري دُنيا ۾ اَمان کي ڳوليندي ڳوليندي نيٺ اکيون ٿڪجي پونديون آھن! هي دُنيا سڀ ڪُجهه ٿي سگهي ٿي، پر ماءُ جي هنج نٿي ٿي سگهي، ۽ اولاد جي لاءِ ماءُ جي هَنج کانسواءِ ڪٿي به سڪون ناهي هُوندو. ماءُ هڪڙي پويتر رشتي جي ڌاڳي ۾ پويل اهڙي مصري آھي جنهن جي ممتا جي مٺاس ماڻهوءَ کان مُئي پُڄاڻان به نٿي وسري..! هتي ڪيڙيءَ کي ڪڻ ۽ هاٿيءَ کي مڻ ته اڄُ به ملي ٿو، پر نٿي ملي ته ماءُ نٿي ملي، ماءُ جنهن جو ساءُ نه ڀيڻ مان اچي ٿو نه ڀاءُ مان..ماءُ جھڙو پيار نه پيءُ ڏيئي سگهي ٿو نه ڌيءُ ڏيئي سگهي ٿي.

اڄ مائرن جو عالمي ڏينهن آھي. ان ڏينهن تي ٻيو ڪُجهه نه ڪري سگهو ته بس ايترو ضرور ڪجو جو پنهنجي اَمڙ جي پيرن تي هٿ رکي هُن کي اهو احساس ضرور ڏيارجو ته توهان ساڻس پيار ڪريو ٿا. مائرون دُعائن جو در آھن اهو در بند ٿيڻ کان اڳ اُن جو قدر ڪرڻ سکو. مائرن کي ڪڏھن به داٻو دڙڪو نه ڏجو، ڇاڪاڻ ته مائرن جو من رنجايو ته رب رنج ٿي ويندو.

پنهنجي رب کي راضي رکڻ جي لاءِ مائرن سان مُحبت ڪريو. پنهنجين ٻُڍڙين مائرن جي خدمت ڪرڻ سان اوهان کي تمام وڏو ثواب ملندو. مائرن جي پيرن هيٺيان جنت آھي ان جنت جو جيئري قدر ڪريو. پنهنجن مائرن کي وقت ڏيو، اُنهن سان گڏ کائو پيو. اُنهن کي سُٺا ڪپڙا لَٽا وٺي ڏيو، سُٺو کارايو پياريو. اُنهن سان ٻه مٺا گُفتا ڳالهايو ته جيئن اُنهن جو مَن راضي ٿئي. باقي اهو ڌن دولت سڀ اتي ئي پيو هوندو گڏ ڪجهه ڪونه هلندو. دُنيا ۽ ڌن جي ڊوڙ ۾ پنهنجي جنت نه وڃايو.