ڪرمپور/ٺل/لکي غلام شاهه (نمائندن وٽان) لکي غلام شاهه ڀرسان هٿياربندن هٿان 3 ڄڻا اغوا، ڌاڙيل ٻن ڄڻن کي ڇڏي سيپڪو جي اڳوڻي آفيسر کي کڻي ويا، پوليس پيرا وڃائي واپس. خبر موجب ٺل واسي سيپڪو جو اڳوڻو ڊويزنل اڪائونٽ آفيسر عبدالمجيد سرڪي پنهنجي ملازم شبير ڪيهر ۽ ڊرائيور عاشق جمالي سان گڏ سکر کان لاڙڪاڻي وڃي رهيو هو ته لکي غلام شاهه ريلوي ڦاٽڪ وٽ هٿياربندن سندن ڪار کي هٿيارن جي زور تي روڪي ٽنهي ڄڻن کي يرغمال بڻائي اغوا ڪري ورتو، ٿوري فاصلي بعد هٿياربندن ملازم شبير ڪيهر ۽ ڊرائيور عاشق جمالي کي ڪار سميت ڇڏي ڏنو، جڏهن ته عبدالمجيد سرڪي کي کڻي ويا. ڌاڙيل کان آزاد ٿيل ٻنهي ڄڻن وارثن کي واقعي بابت اطلاع ڏنو، جنهن بعد سرڪي برادري جا ماڻهو ۽ پوليس پهتي، جن هٿياربندن جا پيرا کنيا جيڪي ڪچي طرف وڃي گم ٿي ويا، هوڏانهن مغوي جي پٽ عبدالمالڪ سرڪي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته هٿياربند والد کي اغوا ڪري ويا آهن، هن چيو ته ايس ايس پي شڪارپور رابطي ۾ آهي.