مطلب جي ياري: جاپاني جوابدار عورتن سان تحفن لاءِ دوستي رکي مال ٺاهيو

0
501

ٽوڪيو (انٽرسٽنگ نيوز) جاپان ۾ عورتن سان دوستي رکي تحفا وٺندڙ جوابدار گرفتار ٿي ويو آهي. پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب ڪنسائي واري علائقي ۾ پوليس 30 ورهين جي همران تڪاشي مياگوا نالي شخص کي گرفتار ڪيو آهي جيڪو هيل تائين 35 مختلف عورتن کي دوکو ڏئي کانئن تحفا وصول ڪري چڪو آهي. پوليس موجب جوابدار عورتن سان دوستي ڪري انهن کان هڪ سال ۾ مختلف تاريخن ۾ پنهنجي سالگره جي نالي تحفا وصول ڪري چڪو آهي. جوابدار تڪاشي مياگوا جي اصل ۾ پيدائش جي تاريخ 13 نومبر آهي پر  هو عورتن کي پنهنجي سالگره جي مختلف تاريخن جو ٻڌائي انهن کان تحفا وصول ڪندو هو. جوابدار پنهنجي هڪ 47 سالن جي دوست عورت کي پنهنجي سالگره جي تاريخ 22 فيبروري ٻڌائي جڏهن ته 40 ساله دوست کي جولائي ۽ هڪ ٻئي 35 ساله گرل فرينڊ کي اپريل ۾ پنهنجي سالگره جو ٻڌايو. مقامي ميڊيا موجب هينئر تائين 35 اهڙيون عورتون سامهون اچي چڪيون آهن جن کان جوابدار دوکو ڏئي تحفا وصول ڪري چڪو آهي. جڏهن ته وڌيڪ متاثر عورتن جي سامهون اچڻ جو امڪان آهي. پوليس موجب معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.