اسلام آباد: ليفٽينٽ جنرل رٽائر نذير احمد  11 اپريل کان  19 ڊسمبر 2016 تائين  نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جو 30 هين صدر طور خدمتون به انجام ڏئي چڪو آھي،  هو آمريڪا ۾ پاڪستان جي ملٽري اتاشي ۽ وزير اعظم جو ملٽري سيڪريٽري به رهيو، ليفٽينٽ جنرل نذير احمد 1983 ۾ پاڪستان آرمي ۾ ڪميشن ڪئي، هن ڪمانڊنٽ اينڊ اسٽاف ڪاليج ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪئي، هن 2016 ۾ پشاور ڪور ڪمانڊر طور خدمتون ڏنيون، ان کان اڳ هو فاٽا ۾ انفنٽري ڊويزن جو ڪمانڊر به رهيو، ان ملٽري اڪيڊمي ۾ ڪمانڊر طور به ڪم ڪيو، کيس 2014 ۾ ليفٽينٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي، جنهن بعد کيس جنرل هيڊڪوارٽر ۾ ڪميونيڪشن اينڊ انفارميشن جي انسپيڪٽر جنرل جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو هو، 2018 ۾ سروس مان رٽائر ٿيو.