خيرپور (رپورٽر) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ ھائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد جي سھڪار سان يونيورسٽي ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام ويٽ لفٽنگ صوبائي ليگ سنڌ شروع ٿي وئي. هن ليگ جو افتتاح لطيف يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو، ٽيڪنيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نور احمد شيخ  ۽ هيڪ اسلام آباد جي ڊائريڪٽر اسپورٽس انجنيئر جاويد احمد ميمڻ گڏيل طور ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو چيو ته لطيف يونيورسٽي ٽن صوبن جي تعليمي ضرورتن کي پورو ڪري رهي آهي، نصابي سرگرميون تعليمي زندگيءَ جو هڪ لازمي حصو آهن، هڪ صحتمند ذهنيت سماج ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. پروفيسر ڊاڪٽر نور احمد شيخ  چيو ته راندين جون سرگرميون يونيورسٽين ۾ صحتمند ماحول فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. انجنيئر جاويد احمد ميمڻ چيو ته هن قومي سطح جي پروگرام جو مقصد راندين کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ ٽيلنٽ جي ڳولا آهي. هن چيو ته ٽيمن جي چونڊ شفاف طريقي سان ٿي آهي، هائير ايجوڪيشن ڪميشن ملڪ ۾ راندين جي واڌاري لاءِ مناسب فنڊ فراهم ڪري رهي آهي. ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن محمد مراد پيرزاده چيو ته هن ليگ ۾ ڪراچي، حيدرآباد، شهيد بينظير آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ريجن جون ٽيمون شرڪت ڪري رهيون آهن.