لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي سيشن ڪورٽ ۾ وڪيل سان منهن ماري ڪندڙ سڪيورٽي انچارچ خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ خلاف وڪيلن سيف الله لهر، اسماعيل ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته گذريل ڏينهن سيڪورٽي انچارج شڪيل سومرو وڪيل امتياز ڀٽي سان منهن ماري ڪئي، هنن مطالبو ڪيو ته سيڪيورٽي انچارج کي هٽايو وڃي، ٻئي طرف الزام هيٺ آيل سيڪيورٽي انچارج شڪيل سومرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته وڪيل جو پٽ موٽرسائيڪل ڪاهي ڪورٽ اندر نو پارڪنگ ۾ بيهاري جنهن کي منع ڪئي ته هو نه مڙيو، جنهن تي اسان موٽر سائيڪل هٽرائي ته وڪيل امتياز ڀٽي مون کي چيو ته آئون تو کي ڏسي رهندس، هن چيو ته ڪنهن سان به منهن ماري ناهي ڪئي، وڪيل جو مون مٿان الزام بي بنياد آهي.