ڳڙهي خيرو ۾ عورتن کي اغوا بعد وڪرو ڪندڙ گروهه جو انڪشاف

0
215
ڳڙهي خيرو ۾ عورتن کي اغوا
ڳڙهي خيرو ۾ عورتن کي اغوا بعد وڪرو ڪندڙ گروهه جو انڪشاف

ڳڙهي خيرو ۾ عورتن کي اغوا بعد وڪرو ڪندڙ گروهه جو انڪشاف، ڪراچي مان مبينا طور اغوا ٿيل ناري کي ڳڙهي خيرو ۾ وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش، موٽر سائيڪل تي اڻڄاتل هنڌ منتقل ٿيڻ دوران ناري جون وچ شهر ۾ دانهون، پوليس عورت ۽ موٽر سائيڪل سوار آزاد مگسي ٿاڻي تي وٺي وئي، ٿاڻي تي عورت جا وارث هجڻ جي دعويٰ ڪندڙ 4 ڄڻا به گرفتار، گرفتار دعوديدارن ۾ عبدالمجيد لاشاري، اسرار جمالي ۽ محمد آچر خاصخيلي شامل، پوليس ذريعن موجب ناري جو چوڻ آهي ته جوابدار آزاد مگسي کيس ڪراچي مان اغوا بعد وڪرو ڪرڻ لاءِ ڳڙهي خيرو وٺي آيو، شهر ۾ ماڻهن ۽ پوليس کي ڏسي بچائڻ لاءِ دانهون ڪيون، نوجوان طرفان ناري جي اغوا واري الزام جي ترديد ۽ ساڻس شادي ڪرڻ جي دعويٰ، پوليس جو چوڻ آهي ته ماريا جي اغوا ۾ ملوث جوابدارن جو ٽولو عورتن کي اغوا بعد وڪرو ڪندا آهن.