لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي دڙي ٿاڻي جي حد اسٽيشن روڊ تي موٽر سائيڪل  ڪراسنگ تان ڀٽا ۽ جتوئي برادري ۾ جهيڙو ٿيو.پ پ اڳواڻ محمد خالد ڀٽو، ساجد ڀٽو، سجاد ڀٽو ۽ محمد اسحاق کوکر زخمي ٿي پيا.اطلاع ملڻ کانپوءِ پوليس پھچي ماڻهن کي ڇڙوڇڙ ڪري زخمين کي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي واري وارڊ ۾ منتقل ڪيو.ساجد ڀٽو ٻڌايو ته موٽر سائيڪل ڪراسنگ دوران جتوئي برادري جي موٽر سائيڪل سوار گٿا لفظ ڳالهائڻ بعد اسان مٿان حملو ڪيو.