لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ 9 مهينا اڳ وارث ڏنو ماڇي جو رهواسي سڱاوتي تڪرار تان قتل ٿي ويل گاجي خان سولنگي جي وارثن بااثرن پاران ڌمڪيون ملڻ ۽ پوليس جي زيادتين پاڪ ڪتاب کڻي ڊي آءِ جي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي اشفاق سولنگي پنهنجي امڙ ناهيد خاتون ۽ ٻين سان گڏجي دانهيو ته 9 مهينا اڳ سڱاوتي معاملي تان جوابدارن پيءُ گاجي خان سولنگي کي گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪيو، هاڻ جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، پوليس دانهن ٻڌڻ بدران اسان سان بدتميزي پئي ڪري، هنن الزام هنيو ته پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي، نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.