لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ)لاڙڪاڻي ۾وليد ٿاڻي جي حد المدينه سي اين جي اسٽيشن وٽ شاهينگ غريب آباد محلي جي رهواسڻ خالده سومرو کي  نشو ڏئي سونا زيور  ڦري ويا، اطلاع تي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.  خالده سومرو ٻڌايو ته وڪرو ڪيل جڳهه جا 5 لک رپيا کڻي بئنڪ اسڪوائر جي ايچ بي ايل بئنڪ ۾ جمع ڪرائڻ لاءِ ويس، جتي بئنڪ عملي اڪائونٽ بند ٿيڻ جو چئي موٽائي ڇڏيو، بعد ۾ آءُ ٽيڪسي ڪرائي سامٽيا روڊ پنهنجي والدين ڏانهن ويس پئي ته رستي ٽيڪسي ڊرائيور رومال ڪڍي مون کي نشو ڏئي بيهوش ڪرڻ بعد مون کان 5 لک روپيه روڪ رقم ۽ هڪ تولو سونا زيور کڻي فرار ٿي ويو آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي شاهينگ خلاف ڪاروائي ڪري روڪ رقم ۽ سونا زيور واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.