ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ويجهو قومي شاهراهه تي بيٺل ٽرالر کي ٻئي ٽرالر ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو جهانزيب ملڪ فوت ٿي ويو، جڏهن ته 2 ڄڻا عدنان ۽ عبدالمالڪ ملڪ  زخمي ٿي پيا، پوليس فوتي جو لاش ۽ ٻنهي زخمين کي تعلقي اسپتال ڪنڊيارو آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد فوتي جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، فوتي ۽ زخمين جو تعلق رحيم يار خان سان ٻڌايو پيو وڃي.