لاهور واقعي بعد مختلف شهرن ۾ شٽر بند هڙتال، راولپنڊي ۾ لال حويلي جو گهيراءٌ

0
474

ڪراچي (نمائندن وٽان) لاهور واقعي بعد مذهبي جماعت جي سڏ تي ملڪ جَي مختلف شهرن ۾ شٽر بند هڙتال، لاهور، گجرانوالا ۽ پنجاب جي ٻين شهرن ۾ هڙتال رهي، ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص، لاڙڪاڻو، خيرپور، سکر، گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ، شهدادڪوٽ، ٺٽو، سجاول، بدين، مٺي ۽ ٻين شهرن ۾ جزوي هڙتال رهي مذهبي جماعتن جي ڪارڪنن جا احتجاجي مظاهرا جاري آهن، واپاري تنظيمن طرفان به مذهبي جماعت جي هڙتال واري سڏ جي حمايت جو اعلان ڪيو ويو آهي. جڏهن ته راولپنڊي ۾ لال حويلي جو گهيراءُ ڪيو ويو. وڏي انگ ۾ پوليس کي گهرايو ويو.