پاڪستان لاءِ بالي ووڊ جون آڇون رد ڪري ڇڏيون: ارسلان نصير

0
354

ڪراچي(شوبز نيوز) مشهور يوٽيوبر ۽ اداڪار ارسلان نصير چيو آهي ته ماضي ۾ بالي ووڊ مان ڪم جي ڪيترائي ڀيرا آڇ ٿي پر مون انڪار ڪري ڇڏيو. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته 2015ع ۾ ٿيل آڇن تي ڪا دلچسپي ظاهر نه ڪيم. ان وقت ئي پاڪستان آيو هيس ۽ پاڪستان ڇڏي وڃڻ نه پيو چاهيان. دبئي مان به آڇون ٿيون پر اتي به پاڪستان کي ڇڏي نه ويس.