لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ پاران ججن تي پرڏيهه پڙهڻ لاءِ وڃڻ تي پابندي هنئي وئي آهي. ان ڏس ۾ ميڊيا رپورٽن موجب 5 سالن کان گهٽ سروس وارن ججن جي ٻاهرئين ملڪ تعليم لاءِ موڪل تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار طرفان ماتحت عدلا جي ججن کي خط جاري ڪيو ويو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته پروبيشن تي جڊيشل آفيسر ٻاهرئين ملڪ تعليم خاطر موڪل لاءِ اپلاءِ نه ڪن. لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي هدايت تي جاري خط موجب لاپرواهي ڪندڙ جڊيشل آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.