راڄوخاناڻي (رپورٽ: ونود ڪمار اداسي) 24 ڏينهن اڳ راڄوخاناڻي ڀرسان ڳوٺ رائچند ڪولهي ۾ 8 سالا معصوم لڇمي ڪولهي کي زيادتي ۽ زنا  ڪرڻ بعد کيس بيدردي سان پيٽ ۾ ڇرين جا وار ڪري قتل ڪرڻ بعد ڪپڙن کان آجو لاش گھرن ڀرسان قبرستان جي جھنگ ۾ اڇلڻ واري ڪيس جو مک جوابدار 30 سالا ڪمليش پٽ ڌرمون ڪولهي جيڪو واقعي جي پهرين ڏينهن کان پوليس حراست ۾ هو پر پوليس سندس گرفتاري مڃڻ کان انڪاري هئي، جيڪو ڪالھه رات جو 2 وڳي ماتلي لڳ ڦلڪارا پوليس ھٿان اوٺا لنڪ روڊ وٽ مبينه پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو آهي، ھن سلسلي ۾ ڦلڪارا پوليس جي اي ايس آءِ اصغر علي جٽ پاران گناھ نمبر 163/2023 قلم PPC 324/353/423 تحت ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته رات دير سان پوليس پوسٽ ڦلڪارا جي انچارج اصغر جٽ گشت دوران هڪ موٽر سائيڪل سوار کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان پوليس مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني ۽ پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هٿيار بند زخمي ٿي پيو جنهن کي تعلقي اسپتال ماتلي آندو پئي ويو ته ھو رستي ۾ فوت ٿي ويو، لاش جي سڃاڻپ ڪمليش ڪولھي پٽ ڌرمون ڪولهي طور ٿي، وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪمليش ڪولهي 8 سالا لڇمي ڪولهي زيادتي ۽ قتل ڪيس ۾ راڄوخاناڻي پوليس کي 302/376/201 گناھ نمبر 32/2023 تحت گهربل هو جنهن کي لڇمي ڪولهي قتل ڪيس ۾ ڊي اين اي ميچ ٿيڻ بعد پوليس ايف آءِ آر ۾ نامزد ڪيو هو ماتلي ٿاڻي تي سرڪار پاران اي ايس آئي اصغر جٽ جي فرياد ۾ ڪمليش ڪولهي کان ڦر ٿيل موٽرسائيڪل ۽ هٿيار ھڪ پسٽل ۽ ميگزين پڻ هٿ ڪرڻ جي دعوا ڪئي ويئي آهي.