حيدرآباد (بيورو رپورٽ) متحده قومي موومينٽ جي چيئرمين خالد مقبول صديقي چيو آهي ته اڄ کان 34 سال اڳ پڪي قلعي ۾ دشمنن فوج وانگر مورچا بند ٿي گهيرو ڪيو. 26 ۽ 27 مئي 1990ع کان پهرين 2 سال اڳ 30 سيپٽمبر تي به سوين لاش کنيا.  حيدرآباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته هن چيو ته اڄ جو ڏينهن شاهدي ڏئي رهيو آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ مهاجرن سنڌ کي جوڙڻ لاءِ پنهنجي حصي کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون. پڪا قلعا گرائونڊ ۾ ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته هاڻي وقت اچڻ وارو آهي، هن واقعي جو سڄو بار توهان مٿان پوندو. هن چيو ته قومون 26 ۽ 27 مئي جهڙن واقعي ۽ 27 ڊسمبر تي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کي وساري نٿيون سگهن. محترمه جي شهادت راولپنڊي ۾ ٿي جڏهن ته ساڙيو حيدرآباد ۽ ڪراچي کي ويو. ان ڏينهن سنڌ جون نياڻيون اغوا ڪيون ويون ۽ گاڏيون ساڙيون ويون هيون.