قومي ٽيسٽ اسڪواڊ جو ٽريننگ سيشن برسات سبب ملتوي

0
287

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ پاڪستاني ٽيسٽ اسڪواڊ جو ٽريننگ سيشن برسات سبب ملتوي ڪيو ويو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران جاري ڪيل بيان موجب برسات ختم ٿيڻ تائين رانديگر پريڪٽس نه ڪندا. ويسٽ انڊيز جي دوري لاءِ ٽيسٽ اسڪواڊ جي ڪيمپ نيشنل اسٽيڊيم ۾ جاري آهي، ٽيسٽ اسڪواڊ جا رانديگر 26 جولاءِ تي بارباڊوس روانا ٿيندا.