قمبر (رپورٽر) قمبر ۾ وڌندڙ گندگي ۽ مڇرن جي آزار خلاف برڪت علي شاهه محلي، سومرا محلي سميت مختلف محلن ۽ پ پ شھيد ڀٽو جي ڪارڪنن احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي شوڪت چانڊيو، عرفان گوپانگ، نظير سومرو، اياز گوپانگ،
رشيد سومرو ۽ ٻين چيو ته ميونسپل انتظاميا جي لاپرواهي سبب سمورو شھر گند جو ڍير بڻجي ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته شهر ۾ صفائي ڪرائي مسئلو حل ڪيو وڃي.