قصو مهانگائي جي دور ۾ دو نمبري ڪم ڪرڻ جو!

0
243
مرسون مرسون پر ووٽ وڏيري ڪون ڏيسون!

  عمران خان جي نئين پاڪستان ۾ جيڪا وي آءِ پي مهانگائي ٿي وئي تنهن اسان غريبن جي رن رولي ڇڏي. اڄ به سيڌي سامان جي اڻهوند جي ڪري گهر جي چلهه ڪو نه ٻري. طوطن ماءُ جو منهن به ڪاوڙ ۾ تپي صفا  حلواڻ واري ڳاڙهي گوڏ جهڙو ٿي ويو. مون کي ڳالهين جا اهڙا ڏنگ پئي هڻي جهڙو زال نه هجي ککر  هجي . مون محسوس ڪيو ته ڄاڻ ته جهيڙو جهونجهاڻي ٿي ويندو. ڏويون، ٽڦڻيون، ويلڻ، مهرلا ميدان تي اچي ويندا سو ٻه ٽي سئو اڌارا وٺڻ لاءِ آئون اڇا اڇا پير ڏئي گهران نڪري ماسات ماڪوڙي جي گهر هليو ويس. ڏٺم ته همراهه اهڙي گهري سوچ ۾ غلطان هو جهڙو کنڊ جو جهاز ٻڏي ويو هجيس. سلام ڪيومانس جواب ڪو نه ڏنائين کيس ڌونڌاڙي هوشيار ڪري چيم ماسات! خير ته آهي ڪهڙي سوچ ۾ غلطان آهين؟ ڪينسر ٿيو اٿئي! ٽي بي ٿي اٿئي! يا ماڳهين موڪا ٿيا اٿئي؟ چيائين نه ادا الله پناهه ڏي انهن بيمارين کان.

اصل ۾ خبر اٿئي ته آئون ماستر آهيان اڄ اسان جي تعليم واري وزير صاحب اعلان ڪيو آهي ته هٿيارن ۽ ڊرائيورن جي ليسڻ وانگر ماسترن جا به ليسڻ ٺهندا. چيومانس انهي ۾ پريشاني جي ڪا به ڳالهه ڪانهي جيئن بندوق ۽ ڊرائيوري جو ليسڻ پنهنجي پياري ملڪ ۾ چار ڏوڪڙ ڏئي ٺهرائي وٺبو آهي تيئن ماستري جو ليسڻ به چار ڏوڪڙ ڏئي ٺهرائي وٺبو! خوش ٿي چيائين اڇا! اسان واري وزير صاحب وڌيڪ فرمايو آهي ته ماسترن جي ليسڻ کانپوءِ تعليمي نظام ۾ بهتري ايندي! چيومانس تعليمي نظام ۾ بهتري اچي نه اچي باقي تعليم کاتي ۾ مالي بهتري ضرور اچي ويندي! پوءِ هن مون کي ليسڻ ٺهرائي ڏيڻ لاءِ چيو مون کانئس پنج هزار روپيا تعليم کاتي کي خرچي ڏيڻ لاءِ گهريا. هن مون کي سئو روپيا ڪڍي ائڊوانس طور ڏنا باقي پئسا پگهار تي ڏيڻ لاءِ چيو. انهن سو روپين مان آئون پڪوڙا سمبوسا ۽ ڊبل روٽيون وٺي آيس اسان ٽنهي غريباڻو ناشتو ڪيو.

ناشتي کانپوءِ طوطن ماءُ جي پيٽ ۾ڪجهه  ساهه پيو. ٻئي ڏينهن وري سامان جي اڻ هوند جي ڪري طوطن ماءُ بلوا! بغاوتون۽ پاڻي پٽ جون لڙايون شروع ڪري ڏنيون ٻه ٽي ڪلاڪ بڪ ڪندي ۽ ٽرڪي جي طويل نشريات کانپوءِ ڪاوڙجي طوطن کي چيچ مان جهلي پيڪين وڃڻ لڳي. آئون ڪن تي هٿ رکي هي درديلو گانو ڳائڻ لڳس، “اڪيلي نا جانا همين ڇوڙ ڪر تم تهماري بنا هم ڀلا ڪيا جيئينگي! اڪيلي ناجانا!” هن جواب ۾ وري هي گانو ٻڌايو، “او مجنون ڪي نانا ميري پيڇي نه آنا، گهر ۾ اڪيلي رهه ڪر ٿڪان جهلانا!” گانو ٻڌي منهنجو اندر سڙِي ويو. هوءَ وئي هلي آئون گهر ۾ اڪيلو ايئن پيو هلان جهڙو ڪنهن خالي گهر ۾ منڊو ٻلو پيو ڦري. انهي غربت، بدنصيبي ۽ نڀاڳ مان نڪرڻ لاءِ مون جهنگ جي وڏي وڻ هيٺان ويهي گيان ڪيو. گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ مون واري فلسفي دماغ  مان ڀرڙاٽ ڪري ٻاهر نڪري چيو ته حق حلال جي مزدوري مان ڪجهه ڪو نه ٿيندئي ايئن پيو بکون مرندين ۽ ذليل ٿيندين، تون اڄ کانپوءِ دو نمبري ڪم شروع ڪر ته مالا مال ٿي ويندين، اها ڳالهه مون کي دل سان لڳي، دونمبري ڪم جي منصوبه بندي لاءِ آئون گهران ٻاهر نڪتس ته ڏٺم ته ڪجهه ماڻهو جوهي جي ويجهو سندن ڳوٺ ڊرگهه بالا جي شهيد ٿيل مسجد شريف لاءِ چندو گڏ ڪري رهيا هئا. اهو منظر ڏسي منهنجي دماغ ۾ دو نمبري ڪم جو عظِيم منصوبو تيار ٿي ويو.

مون ان منصوبي کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ پنهنجي دوست عظيم ٺڳ کنجو کنڀڙاٽي سان وڃي هال اوريو، اهو به تيار ٿي ويو. پئسا هٿ ڪرڻ لاءِ اسين ٻئي شهر جي وڏي هوٽل ۾ چانهه پيئڻ وياسين ٻاهر نڪري هڪ ٿلهي نئين ماڊل جي فرسٽ ڪلاس موٽرسائيڪل چوري ڪري ڊيلر کي لک روپين ۾ وڪڻي بازار ۾ لهي پياسين. مون عرب شيخن وارو هڪ شاهي جبو ورتو، هڪ اڇو ڳاڙهو ٽوال،هڪ ڪاري نوڙ وارو عمامو، هڪ هزار داڻن واري تسبيح ورتي، هڪ تمبو ورتو، هڪ ڪوڙو چيڪ بوڪ ڇپرايو ۽ هڪ وڏي ويگو گاڏي هفتي لاءِ ڪرائي تي ڪئي. پوءِ عرب شيخ وارا ڪپڙا اوڍي صفا عرب شهزادو ٿي وڃي ڊرگهه بالا جي شهيد مسجد وٽ پهتس. کنجو کنڀڙاٽي منهنجو پي اي هو جنهن کي سولي سنڌي ۾ چمچه خاص چئبو آهي. اتي تمبو لڳايوسين پاڙي وارن کٽون ۽ بسترا ڏنا هڪ بورچي ۽ ٻه نوڪر وڏي پگهار تي رکياسين.ڳوٺ جا ماڻهو اچي پهتا ،آئون اتي تسبيح جا داڻا ڦيريندي يا شيخ يا شيخ چئي ٽٽي ڦٽي عربي ٻولي جي وٺ وٺان پيو ڪريان. کنجو وري ان جو ترجمو پيو ڪري. انهي ٻڌايوته هي دبئي جو عرب شهزادو آهي، ڏاڍو امير آهي هن جا اتي ڪيئي تيل جا کوهه آهن. پيٽرول پمپ، مارٽ ۽ فائيو اسٽار هوٽلون آهن.

هن کي خواب ۾ اشارو ٿيو آهي ته توهانجي مسجد شريف شهيد ٿي وئي آهي. سا پنهنجي خرچ تي وڏي جامع مسجد ڪري ٺهرائڻ آيو آهي. اهو ٻڌي ماڻهو حيران ٿي ويا. منهنجي حق ۾ زبردست نعرا هڻڻ لڳا. هڪ ڪامريڊ چيو ته سبحان الله ٻيا عرب شهزادا هتي اچي تلور ۽ هرڻن جو شڪار ڪن ، ناظم جوکئي جهڙي عظيم انسان کي منع ڪرڻ تان مارايو ڇڏين. اڇڙي ٿر ۾ غريب ٿرين جون ٻڪريون چپيو ڇڏين، ماڻهن کي گرفتار ڪرايو ڇڏين پر هي عرب سڳورو مسجد ٺهرائڻ آيو آهي. سبحان الله سبحان الله! کنجو کنڀڙاٽي جواب ڏنو ، پنجئي آڱريون برابر ڪونهن! ٻئي ڏينهن مون مسجد  جون پيڙهون کوٽرايون. جوهي مان ڪوڙا چيڪ ڏئي سرون، سريو، بجري ۽ سيمينٽ آڻي لهرايو. ٻئي طرف کنجو کنڀڙاٽي اچي ڳوٺ ڳوٺ ۾ منهنجي تعريف شروع ڪئي ۽ دبئي جي ويزا ۽ نوڪري ڏيڻ لاءِ  منهنجو نالو کنيو، ڪيئي نوجوان نوڪري لاءِ پهتا. کنجو کنڀڙاٽي پاسپورٽ ويزا ۽ جهاز جي خرچ لاءِ کانئن پئسا گهريا. ويچارن مينهون، ڍڳا، زمينون، ۽ پلاٽ وڪڻي کنجو کي جام پئسا پئي ڏنا، ٽن ڏينهن ۾ ٻه ٽي ڪروڙ گڏ ٿي ويا.

مون اهي سڀ ڏينهن رازا گهرائي مسجد جا نقشا پئي ٺهرايا پوءِ رات پيٽ ۾ اسين ويگو گاڏي تي چڙهي پئسن جون ٻوريون کڻي اچي ڳوٺ پهتاسين. پئسا اڌواڌ ڪياسين. لئي ٿي وئي، مال پاڻي ڏسي طوطن ماءُ به طوطن سميت اچي لٿي. مون سوچيو ته مونواري اڦٽ مار فلسفي صحيح فرمايو هو ته دونمبري ڪم ۾ وڏا فائدا آهن. مون انهي مهم دوران اخبارون ڪو نه پڙهيون هيون ؟ٻئي ڏينهن اخبارن جو مطالعو ڪيم ته حيران ٿي ويس. زمين جي مالڪي تان نواب ولي محمد ۾ زردارين هٿان پوليس واري سميت پنج ڀنڊ شهيد ڪيا ويا آهن جن جا لاش احتجاج طور رستي تي پيل آهن. سکر ۾ زمين جي مالڪي ۽ وڻن جي واڍي تان شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو 6 نوجوان شهيد! نئون ڪوٽ ۾ راجپوت برادري جي ٻن نياڻين کي فضا ۽ ڪنول کي ڊوڙائي ڊوڙائي وارن مان گهلي، جنسي زيادتي جو شڪار ڪيو ويو آهي. لاڙڪاڻي جي نمرتا چنداڻي ۽ نوشين ڪاظمي کي جنسي زيادتي کانپوءِ ماري  خودڪشي جو رنگ ڏنو ويو هو جڏهن ته انهن ٻنهي جي ڪپڙن مان هڪ ئي مرد جا جزا مليا. سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي الماس ڀان  کي زبردستي بدمعاشن اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هوءَ پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي گهر ويهي رهي آهي.

نوابشاهه جي پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي جي معصوم نياڻي پروين رند کي اتان جي ڊائريڪٽر جنسي حراسان ڪيو آهي. نياڻي جي انڪار تي سندس ٻه ڇاڙتين سندس ڪمري ۾ پهچي مٿس شديد تشدد ڪري کيس ماري پکي ۾ لتڪائي خودڪشِي جو ڊرامو رچائڻ جي ڪوشش ڪئي. اهو پڙهي ڏک ۾ منهنجي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. سوچيم اسان جي ديس ۾ شايد وري انڌير نگري واري راجا چرٻٽ، حجاج بن يوسف ۽ جنرل ضياءُ وارو ڪارو دور اچي ويو آهي. اسان جي نياڻين کي جنسي حراسان ڪري ماري پکن ۾ لٽڪايو پيو وڃي. اوچتو مون کي منهنجي ڀيڻ جي گل پري ياد اچي وئي جيڪا سنڌ يونيورسٽي جي مارئي هاسٽل ۾ رهندي هئي. آئون واءُ مينهن ڪري اتي پهتس هوءَ ڊپ ۾ ڏڪي رهي هئي. مون کي ڏسي پيٽ ۾ ساهه پيس، کيس ڀاڪر ۾ لڪائي ڇڏيم ته محسوس ٿيو سندس دل ڊپ ۾ تيز تيز ڌڙڪي پئي. کيس چيم امان جيسين اسان جي سماج ۾ فضيلت ۽ امن امان نٿو اچي تيسين گهر هلي رهه، هوءَ هلي آئي کيس گهر پهچائي سک جو ساهه کنيم. رات جو ستس ٿي ته اهي سڀ مظلوم ۽ مقتول نياڻيون ذهن تي تري آيون. ايئن پئي لڳو ته اهي وري سنڌ جو مشهور لوڪ گيت هيئن پيون ڳائين.

ڇو ٿي ڄڻيئي اهڙيون ڌيئر امان!

هت ڌيئر ماري پکن ۾ ٿيون لٽڪائن امان!