شڪاري

0
584
اين جي او ۾ آيل نئين ڇوڪري

مونا ڇا پئي ڪرين؟ هن کي چانئٺ ڀرسان زمين تي ويٺل ڏسي مون پڇيو.

                 ڪجھه خاص نه هي اخبار پڙهان پئي. هن اداسي واري انداز ۾ مئلن وانگر جواب ڏنو. ٺيڪ آهي پوءِ روئين ڇو پئي.؟ تنهن تي مونا اوڇنگار ڏني. هن کي پاڻي پيارڻ ۽ ماٺ ڪرائڻ کان پوءِ  پڇيم هاڻي ٻڌاءِ مسئلو ڇا آهي.؟ هن جي جواب مون کي حيرت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. هن جي هٿ ۾ ڪنهن  اخبار جو هڪ ٽڪرو هو جيڪو هن ٻهاري کان پوءِ ڪچرو گڏ ڪري سپ ۾ وجھندي کڻي پڙهيو.

 مونا چوي ٿي ، “ آپي  ڪيڏي نه بيڪار زندگي هوندي هن ويچاري جي جنهن جي لڄ لٽي وئي. خدا نه ڪري جيڪڏهن اهو مون سان ٿئي ها ته آئون ته هن دنيا مان برقعو مٽائي وڃان ها  ماڻهو ڪهڙي نڪ سان مٽن مائٽن ۾ هلندو. پر مرڻ کان پهرين انهن لڄ لٽيندڙ حرامزادن جا لڱ وڍي پريان اڇليان ها ” . هن ڪنهن پراڻي اخبار ۾ اها خبر پڙهي ته ٻن ماڻهن هڪ معصوم نياڻي سان زوري جنسي ڏاڍائي ڪئي.

 مونا جي جذباتي ڪيفيت آئون هڪ عورت هوندي بلڪل سمجھي سگهان ٿي. هي صرف ست درجا پاس آهي هڪ شادي شده عورت ۽ چار ٻارن جي ماءُ آهي. هن جي اداسي ۽ جذباتي انداز مونکي به اداس ڪري ڇڏيو. مردن وانگي عورتن جي به عزت هوندي آهي انهن جا به احساس هوندا آهن . خواهشون ۽ چاهتون هجن ٿيون. پر سماج جي حيوانن جي ڪري ، نه حيوان به انهن کان بهتر آهن. انهن کي حيوان چوڻ سان حيوانن جي توهين ٿي ويندي. سو لفظ حيوان يا درندن کان وڌيڪ ڪو هجي جيڪو استعمال ڪجي انهن وحشي ماڻهن لاءِ جيڪي پنهنجي مزي لاءِ ڪنهن جي ڀيڻ ، ڪنهن جي ڌيءُ ، ڪنهن جي ماءُ جي زندگي برباد ڪري ڇڏين ٿا. عورت پڙهيل هجي يا اڻ پڙهيل ،عزت سڀني جي سانجهي هوندي آهي .بس ان درد ۽ ڪرب کي ظاهر ڪرڻ جو انداز مختلف ٿي سگهي ٿو.

جڏهن هڪ عورت جو ريپ ٿئي ٿو ته ان سان ٻيڻي ويڌن ٿيندي آهي. عزت به هن جي ويندي آهي ۽ سماجي لحاظ کان منهن به هن کي لڪائڻو پئجي ويندو آهي. ريپ جو شڪار عورت چاهڻ باوجود انهن شڪارين کي ڪجھه نه ڪري سگھندي آهي. ڪڏهن انهن درندن جي ڊپ کان چپ هوندي آهي ، ته ڪٿي وري  پنهنجي ئي مائٽن جي عزت جي  ڪري خاموشي اختيار ڪرڻي پوندي آهي. اسان سماجي طور ايترا ته بيمار آهيون جو جرم ڪير ٻيو ڪندو آهي ۽ سزا اسين ڀوڳيندا آهيون. هڪڙي ماڻهو مونکي قصو ٻڌايو ته ڪٿي ڳوٺ ۾ ڪا ڪچهري هلي پئي ته هڪ ڳوٺاڻي جو پٽڪو ڪري پيو.  چيائين ڏسان ڪير ڏسي ته نه پيو ۽ جهٽ ڪري پٽڪو مٿي تي رکي ڇڏيائين.  مطلب پٽڪي ڌوڙ ٿيڻ کان هو بچي ويو. لڄالٽ جي شڪار عورت به ماٺ ڪري ويهي رهي ته عزت بچي وينديس نه ته اڃا به خوار ٿيندي ورندو سرندو ڪجھه به نه.

ريپ هڪ گلوبل مسئلو آهي .دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اهو جرم ٿيندو رهندو آهي . سڌريل ملڪن ۾ کڻي عورتون پاڻ سان ٿيل زيادتي جي لاءِ ڪيس درج ڪرائين ٿيون. باقي گهڻن ئي ملڪن ۾ اهو رجحان تمام گھٽ آهي.  يو_ اين طرفان شائع رپورٽ مطابق  تقريبن ٻه لک پنجاهه هزار کان به وڌيڪ ريپ جا ڪيس ساليانو درج ٿين ٿا.جيڪي65 ملڪن جا آهن. سوچيو اصل ۾ روز جي بنياد تي  ڪيترا ريپ ٿيندا هوندا. دنيا ۾ ٿيندڙ سڀني کان وڌيڪ ريپ ڪرائيم جي حوالي سان جن ڏهن ملڪن جي  لسٽ جاري ٿي آهي تنهن منجهه پاڪستان جو نالو ڪونهي. ڇا اها خوشي جي ڳالهه آهي؟ ان جو اهو مطلب هرگز نه آهي ته پاڪستان ۾  جنسي ڏاڍائي نٿي ٿئي. مسئلو اهو آهي جو اسان وٽ اهڙا واقعا ٿين ته پنهنجي ڀرپور حيوانيت سان ٿا پر اهي  گھڻي ڀاڱي درج نه ٿيندا آهن . پاڪستان ۾ هڪ ريپسٽ لاءِ قانون ۾ موت جي سزا آهي يا ڏهه کان پنجويهه سال قيد . اجتمائي زيادتي ڪندڙن لاءِ عمر قيد جي سزا يا موت جي سزا  طئي ٿيل آهي.

اسان جي ملڪ ۾ ريپ جي ڪيس کي درج ڪرائڻ جو بهادري وارو عمل 2002ع ۾ مختاران بيبي کان پوءِ تيز ٿي ويو.  پاڪستان ۾ روزانو يارهن ريپ جا ڪيس درج ٿين ٿا. 2015ع کان 2020ع تائين ٻاويهه هزار ڪيس درج ٿي چڪا آهن . افسوس سان انهن مان صرف چار هزار ڪيس ئي ڪورٽ تائين پهچي سگهيا آهن. پاڪستان ۾ سيڪس جي موضوع تي ڳالهائڻ هڪ ٽيبوُ ( ممنوع) سمجهيو ويندو آهي وري اها به هڪ عورت ڳالهائي.! ڪنهن عورت سان زبردستي ڏاڍائي ته  ڪئي ويندي آهي پر ان موضوع تي ڳالهائڻ وارن کي اسانجي سماج  ۾ گھٽ ڪردار وارو ڪوٺيو ويندو آهي. جنهن سان ريپ ٿيندو آهي ، اهو نتيجو ڪڍيو ويندو آهي ته ضرور هن جو به قصور هوندو يا هي آواره آهي  يا هن جو ڪردار ئي اهڙو آهي ريپ نه ٿيندس ته ڇا ٿيندو.

وحشي جڏهن ڪنهن جو ريپ ڪندا آهن ته ٿوري دير جي پنهنجي وحشي پڻي جي تسڪين چئجي يا جنون جيڪو ڪرڻو هو سو ڪريو ڇڏين. پر اها عورت ڪهڙين حالتن مان گذري ٿي ۽ ڪيتري عرصي تائين ان کي ان صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي ويندو آهي اهو صرف اها ئي ڄاڻي سگهي ٿي. جنهن کي لڳي  تنهن کي ڪل پوي. چوندا آهن نه ، “ وٺي جون خبرون پانڌيئڙا ئي ڏيندا ” . يا  “جتي باهه ٻري اهو هنڌ سڙي.”

چند شين جو هتي آئون ذڪر ضرور ڪرڻ چاهينديس. جيئن جنسي ڏاڍائي جو شڪار عورت ذهني دٻاءُ ۾ هلي ويندي آهي. ڪجهه عرصو هو پي_ٽي_ايس_ڊي يعني پوسٽ ٽراميٽڪ اسٽريس ڊس آرڊر جو شڪار ڪيترا ئي مهينا رهي سگهي ٿي. ان حال ۾ هو اڪثر خودڪشي ڪرڻ تي مجبور هونديون آهن.۽ آپگھات جي شرح وڌي ويندي آهي. ڊپريشن ، اينزائٽي کان علاوه جنسي طور منتقل بيماريون به ڪن عورتن کي ڏسڻيون پونديون آهن. ڊبليو ايڇ او جي چوڻ مطابق ايڇ آئي وي ۽ ايڊز به ريپ کان پوءِ  ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن اها عورت پيٽ سان ٿي وڃي ٿي ته ان ٻار جو غير محفوظ ابارشن ڪيو ويندو آهي  يا نو مهينا اها ماءُ ۽ ٿيندڙ ٻار ان نارمل رويي کان محروم هوندا آهن جيڪو هڪ شادي شده عورت ٻار ڄڻي معاشري ۾ ڏسندي آهي. جنسي ڏاڍائي جي نتيجي ۾ ٿيڻ واري حمل کي ضايع ڪرائڻ کان پوءِ اهڙيون عورتون هميشه لاءِ ٻيهر ماءُ ٿيڻ کان محروم ٿي سگھن ٿيون.  تنهن کان سواءِ  زبردستي ڪيل عورت   پنهنجي  شادي واري زندگي ۾ سيڪشوئل ڊسفنڪشن جو شڪار به ٿي سگهي ٿي.  ان کان علاوه ٻيا به کوڙ نتيجا نڪرندا آهن.

روزاني “ پنهنجي اخبار” جي رپورٽ مطابق اسان جي سنڌ ۾ گذريل سال 2021ع  ۾  82 عورتن سان اجتمائي لڄالٽ ڪئي وئي. جن ۾ ڪراچي شهر مان ئي رڳو 74 ڪيس درج ٿيا. 2020ع ۾ اجتمائي لڄالٽ جو تعداد 65 هو .جيڪي رپورٽ ٿيا هئا. اڃا غير درج ٿيندڙ واقعا ڪيترا آهن ان جواندازو لڳائڻ ممڪن ئي ڪونهي.

اسان سڀني کي سوچڻو پوندو ته سماج جي ان ناسور کي ڪيئن روڪجي. ۽ اهي عورتون ۽ خاندان جيڪي اڳيان اچڻ جي همت ڪن ٿا ان جي هر طرح جي مدد ڪرڻ اسان جو فرض هئڻ کپي. سڀني کي ملي معاشري جي ان خطرناڪ ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ گھرجن. ۽ سامهون آيل بهادر عورتن جي سار لهڻ گھرجي.

ڪائي گونگي گانءِ، هاڻي ناهي نينگري،

ڀوري گهٽ نه ڀانءِ  ،ڏونگر ٿي ڏاري سگهي!

[email protected]