ڀارت ۾ 14 شاديون ڪندڙ جعلي ڊاڪٽر گرفتار

0
418
ڀارت ۾ 14 شاديون

ممبئي(دلچسپ نيوز) جعلي ڊاڪٽر سڏرائي 14 شاديون ڪندڙ جوابدار ڪرفتار. ڀارتي رياست اڙيسه سان تعلق رکندڙ 54 سالن جي بدهو پرڪاش سوين عرف رميش سوين نالي شخص کي گرفتار ڪري ورتو

سوين جو هدف اڪثر وچولي عمر ۽ طلاق يافتا عورتون هيون. هو رشتي جي ويب سائٽس ذريعي هنن سان رابطو قائم ڪندو هو ۽ پاڻ کي وفاقي وزارت صحت ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر ٻڌائيندو هو

سڀ کان پهريون هن 1982ع ۾ ٻي شادي ڪئي ۽ هن کانپوءِ 2002 کان 2020ع تائين ٻيون شاديون ڪيون ۽ هڪ کان پوءِ ٻي گهر واريءَ کي ڇڏيندو رهيو. بهونيشور جي ڊي ايس پي ڀارتي ميڊيا کي ٻڌايو ته هن جو هدف اعليٰ تعليم يافتا عورتون هيون جيڪي مختلف سرڪاري ۽ نجي ادارن ۾ اعليٰ عهدن تي مقرر هيون. سوين جي نظر هنن جي پئسن تي هئي

پوليس جوابدار جي قبضي مان 11 عدد اي ٽي ايم ڪارڊ ۽ ٻي تفصيل به هٿ ڪئي آهي. سوين جي متاثرن ۾ سپريم ڪورٽ جي هڪ وڪيل ۽ سنٽرل آرمڊ پوليس فورس جي هڪ سينئر اهلڪار به شامل آهي.