قاضي احمد ( ن پ ا) قاضي احمد لڳ ڳوٺ دينو مھر واسي مولائي مڱڻھار ٿاڻي پهچي دانھيندي الزام هڻندي چيو ته جوابدار عبدالقيوم خاصخيلي معصوم سان بدفعلي ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي ھن چيو معصوم پٽ کي جوابدار ڳوٺ ھلڻ جو چئي موٽرسائيڪل تي کڻي ڪيلي جي فصل ۾ لاھي زيادتي ڪئي، ھن چيو ته جوابدار تي ڪيس داخل ڪري سخت سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو. قاضي احمد پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو، نينگر کي ليٽر ڏئي ميڊيڪل لاءِ اسپتال موڪليو ويو.