حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ آبادگار اتحاد ملڪ جي وزيراعظم کي خط لکي شگرملن ڏانهن رهيل رقم جي ادائيگي ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ آبادگار اتحاد جي صدر نواب زبير ٽالپر وزيراعظم پاڪستان کي هڪ خط لکي چيو آهي ته سنڌ جي شگرملن ڏانهن آبادگارن جا 85 ارب رپيا رهتون آهن جيڪي ادا نٿيون ڪيون وڃن. سنڌ آبادگار اتحاد مطابق پنجاب ۾ شگر ڪين ايڪٽ تحت آبادگارن کي پنهنجا حق حاصل ٿين ٿا پر سنڌ جي آبادگارن کي پنهنجي جائز حقن کان محروم رکيو پيو وڃي. هن چيو آهي ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان 3 مارچ 2018ع تي حڪم ڏنو هو ته آبادگارن کي ڪوالٽي پريميم جي ادائيگي ڪئي وڃي. ان مد ۾ آبادگارن جا شگرملن ڏانهن 45 ارب رپيا رهيل آهن ۽ ڪوالٽي پريميم جي گذريل 12 سالن کان ادائيگي نه ڪئي وئي آهي. سپريم ڪورٽ جي حڪم جي باوجود آبادگارن کي ڪوالٽي پريميم جي رقم به ادا نه ڪئي وئي آهي. سنڌ حڪومت جلدي جلدي ڪين ڪمشنر کي تبديل ڪندي رهي ٿي ان ڪري آبادگارن کي حق رسائي نٿي ٿئي. هن گهر ڪئي آهي ته آبادگارن کي ڪوالٽي پريميم سان گڏ سندن ٻيون رهتون به ادا ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو وڃي ته جيئن آبادگارن کي پنهنجون جائز رهتون ملي سگهن.