اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر وولڪن بوزڪر چيو آهي ته فلسطين تي بي عملي گڏيل قومن ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل جي ساک کي نقصان پهچائي رهي آهي. اسلام آباد ۾ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ خطاب ڪندي وولڪن بوزڪر چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي گذريل هفتي فلسطين جي صورتحال تي اجلاس گهرايو، ان جو مقصد هو ته سيڪيورٽي ڪائونسل جي خاموشي ۽ ڊيڊ لاڪ جو ازالو ڪري سگهجي، ان اهم معاملي تي بي عملي گڏيل قومن ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل جي ساک کي نقصان پهچائي رهي آهي، اميد ته سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ به ان اهم مسئلي تي گڏيل آواز ٻڌو ويندو. هن چيو ته انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙين ۾ سوين فلسطينين جون زندگيون کسجي ويون، پاڪستاني پرڏيهي وزير فلسطينين جي حقن لاءِ مضبوط موقف ۽ حمايت جو اظهار ڪيو، هن وقت بنا دير ڳالهين جي ضرورت آهي ته جيئن اسرائيلي قبضي کي ختم ڪري سگهجي، ٻه خود مختيار رياستون قائم ڪرڻ لاءِ ڳالهين جي تڪڙي ضرورت آهي، وچ اوڀر ۾ امن جي بحالي تائين جنرل اسيمبلي سُک سان نه ويهندي. هن چيو ته مون کي ڄمون ڪشمير جي صورتحال جو به علم آهي، اندازو آهي ته هڪ پاڪستاني ڪشمير جي حوالي سان ڇا محسوس ڪندو هوندو، آئون سدائين ڌرين تي زور ڏنو ته زميني حقيقتن کي تبديل نه ڪيو وڃي، سدائين چيو ته تڪراري علائقي جي حيثيت کي تبديل ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي، ڪشمير تڪرار به ايترو ئي پراڻو آهي، جيڪو فلسطين مسئلو آهي، جنرل اسيمبلي صدر طور مان پاڪستان ۽ ڀارت تي زور ڏيان ٿو ته مسئلي جو پرامن حل ڳولين، ڇو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جو دارومدار پاڪ، ڀارت لاڳاپن جي بحالي تي آهي، تنهن ڪري ڪشمير تڪرار جو حل ضروري آهي. هوڏانهن جنرل اسيمبلي جي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران علائقائي، عالمن امن سميت فلسطين جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون، ان کان اڳ صدر عارف علوي ۽ جنرل اسيمبلي جي صدر وچ ۾ پڻ ملاقات ٿي، صدر فلسطين جي صورتحال تي اجلاس گهرائڻ تي صدر جنرل اسيمبلي جي ڪردار کي ساراهيو، خصوصي تقريب ۾ صدر جنرل اسيمبلي وولڪن بوزڪر هلال پاڪستان جو ايوارڊ سان نوازيو. ان موقعي تي صدر علوي چيو ته فلسطين ۽ ڪشمير بابت گڏيل قومن جي قراردان تي عمل اڻٽر آهي.