ڪراچي(اسپورٽس نيوز) قومي اسيمبلي جي بين الصوبائي رابطا ڪاميٽي جو اجلاس نواب شير جي صدارت هيٺ ٿيو. سييڪريٽري پاڪستان هاڪي فيڊريشن آصف باجوه چيو ته هن سال هاڪي ٽيم کي 7 غير ملڪي ٽورنامينٽ ۾ شرڪت ڪرڻي آهي ان لاءِ 25 کان 30 ڪروڙ گهربل آهن. صرف سنڌ حڪومت اسان کي سال جا 10 ڪروڙ رپيا ڏنا آهن. هن چيو ته ڪو اهڙو ميڪنز ٺاهيون وڃي جنهن سان صوبن جا پئسا قومي اسپورٽس تي خرچ ٿي سگهن، وزيراعظم تمام صوبن کي هدايت ڪري ته پي ايچ ايف کي سالانا گرانٽ جاري ڪئي وڃي. هن سال نومبر ۾ پي ايس ايل جي طرز تي هاڪي ليگ ڪرائي پئي وڃي، جيڪڏهن اسان فنڊز جي ڪمي سبب ٽورنامينٽ سان بيڪ آئوٽ ڪيون ٿا ته اسان مٿان پابندي لڳي ويندي.