سوال/سروي پوليس جا اڪثر مقابلا ڪوڙا قرار: هاف يا فل فراءِ ڪرڻ غيرقانوني ۽ غيرانساني عمل آهي، اهو بند ٿيڻ گهرجي: عوام

0
141
سوال/سروي پوليس جا اڪثر مقابلا ڪوڙا قرار: هاف يا فل فراءِ ڪرڻ غيرقانوني ۽ غيرانساني عمل آهي، اهو بند ٿيڻ گهرجي: عوام

  ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ ۾ پوليس مقابلن ۾ اضافو ٿي ويو، ماڻهن کي هاف ۽ فل فراءِ ڪرڻ جو سلسلو وڌي ويو آهي، پوليس جي ان عمل کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته اڪثر مقابلا ڪوڙا هوندا آهن، ڪنهن کي به هاف يا فل فراءِ ڪرڻ غيرقانوني ۽ غيرانساني عمل آهي، پوليس جيڪڏهن پاڻ سزا جزا جو عمل ڪندي ته پوءِ عدالتون ڇو آهن، وڏيرن جي ونگار وهندي نوجوانن جو بيگناهه رت وھايو وڃي ٿو، ذاتي دشمنين ۾ وڏيرا پوليس کي استعمال ڪري بيگناھه ماڻهو مارائيندا آھن، ڪجهه ماڻهن ڏوهارين جي فل ۽ هاف فراءِ جي حمايت پڻ ڪئي،

سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي محمد ايوب لکيو ته سڀ کان پھريان ته سنڌ پوليس با اختيار نه آھي سنڌ ۾ پوليس اداري ۾ به اھڙا ماڻھو موجود آھن جيڪي ڏوھارين سان دعا سلام رکن ٿا پوليس سياسي ونگار وھندي ڏوھارين سان گڏ بي ڏوھين کي به مقابلو ڄاڻائي ماريو ڇڏي ٿي جيڪو غلط قدم آھي پوليس اداري کي ايماندار بنائڻ لاءِ سخت کا سخت قانون جي ضرورت آھي؟ اسلم هنڱورجو لکيو ته سڀ ڪوڙا مقابلا آھن پوليس وڏيرن جي ونگاري آھي قانون نالي ڪا به شئي نه آھي مقابلن ۾ ڏوھاري نه ھوندا آهن جنهن سان سردار وڏيرا نه ٺھندا آهن انهن کي ماريو ويندو آهي، عامر کوسو لکيو ته اڪثر مقابلا ڪوڙا آھن جيڪو آئين ۽ قانون جي خلاف آھي، سجاد قاسم کوسو لکيو ته پوليس سڪن سان گڏ ساون کي به هاف فراءِ فل فراءِ ڪري رهي آهي،

بشير ميراڻي لکيو ته سنڌ پوليس کي ست خون معاف آهن ،جڙتو مقابلي بعد اعلان ڪندا ته مقابلي دوران بدنام ڏوهاري مارجي ويا آهن، ھاف فراءِ، فل فراءِ عدالت کان مٿانهون قانون آهي.مختيار علي ڪلهوڙو لکيو ته غير انساني ۽ ڪڌو عمل آهي، الهورايو بلوچ لکيو ته امن امان کپي. نويد خان سومرو لکيو ته ھي ڏوھارين سان مقابلو نه پر” وحشي آپريشن” آھي، ڏوھارين سان مھاڏو اٽڪائيندي نه پر ڏوھارين کي زير حراست ۾ زخمي ڪيو وڃي ٿو، وقار حسين لکيو ته اڄ ڪلهه پوليس مقابلا اڪثر جڙتو آهن، پوليس لاءِ اڪثر اهي شڪايتون آهن ته هو ڏوهارين جا ساٿاري ۽ غريبن لاءِ عذاب بڻيل آهن، منظور زرداري لکيو ته هاف فراءِ يا فل فراءِ کان اڳ اها جاچ ڪئي وڃي ته ڏوهاري آهي يا نه، جيئن ڪنهن بيگناهه جي زندگي بچي سگهي،

عبدالرحمان چانگ لکيو ته اڪثر مقابلا ڪوڙا نڪتا آهن سنڌ پوليس ۾ ٿئي ڪجه ائين ٿو ته ڪنهن به ماڻھو کي پهريان پڪڙي ان جي گرفتاري ظاهر نه ڪري پوءِ مخالفن جي چوڻ تي پوليس مقابلو ڄاڻائي ان کي پوليس قتل ڪندي آهي، اي بي خشڪ لکيو ته پوليس ۾ سائينٽفڪ بنياد تي ڏوهارين خلاف جاچ نه ڪرڻ سبب پنهنجي ناڪامي کي لڪائڻ لاءِ مجبورن فل فراءِ ۽ هاف فراءِ جو فارمولو اختيار ڪن ٿا، نه صرف هاف فراءِ ۽ فل فراءِ جڏهن ڪو ڪرائيم ٿئي ٿو اتي به پوليس پهچي ٿي ته شاهديون گڏ ڪرڻ لاءِ هنن وٽ ڪجھه آلات ئي ناهن جيڪي انهن کي محفوظ بڻائين پر هو پاڻ شاهديون گڏ ڪرڻ بجاءِ ختم ڪري ڇڏين ٿا، سنڌ پوليس کي گهرجي ته ڪهڙي به ڏوھه جي جاچ سائنسي بنياد تي ڪن جيڪي هنن کي جديد هاڻي سهولتون ڏنيون ويون آهن.

دليپ مار لکيو ته پوليس جو اهو انتهائي خطرناڪ عمل آهي جيڪو بند ٿيڻ گهرجي، غلام قادر لکيو ته اھو عمل انتهائي ھڃيڪار آھي سنڌ پوليس سياسي وانگاورون وھندي به ڪيترائي بي ڏوھي نوجوان معذور ڪري ڇڏيا، نعمت الله نهڙي لکيو ته پوليس پنهنجو ڪم بهترين نموني سان ڪري ته صحيح آهي ته ڪرائيم ۾ گهٽتائي اچي، سيد احمد شاهه لکيو ته اهو ظلم ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن ڪنهن تي ڪيس آهي ته ان کي گرفتار ڪري جيل موڪليو وڃي پر اسان وٽ سنڌ ۾ قانون رڳو غريبن لاءِ آهي اهو به الڳ، اهڙن واقعن جي مذمت ڪريون ٿا، نياز سومرو لکيو ته فل فراءِ ھاف فراءِ فارمولا ذريعي عارضي طور امن امان قائم ڪري سگھجي ٿو پر مستقل حل اھو آھي ته عدليه وقت سر ڪيسن جا فيصلا ڏئي، جاويد زرداري لکيو ته ڏوهارين خلاف آپريشن تيز ڪيو وڃي، علي رضا وڻجارو لکيو ته اهو انساني حقن جي خلاف ورزي آھي ۽ عدالتون موجود آھن ان هوندي به اهڙيون حالتون پيدا ڪرڻ سراسر ظلم آھي.

فقير عمر بلوچ لکيو ته سراسري زيادتي آھي وڏيرن جي ونگار وهندي نوجوانن جو بيگناهه رت وھايو وڃي ٿو، عرفان سيلرو لکيو ته پوءِ باقي عدالتون ڪهڙي ڪم جون رهجي وينديون جيڪڏهن پوليس کي ئي سزا جزا جو ڪم ڪرڻو آهي،ايم عمران به سروي ۾ حصو ورتو، وفا اظهر علي لکيو ته سٺو فيصلو آهي پر ڪجھه ماڻھون وڏن ماڻھن جا به ھوندا آھن جنهن کي سزا نه ڏيندا آھن ڀلي ڇو نه وڏو ڏوھاري ھجي، نادر علي سيال لکيو ته اھا سئين سڌي قانون جي ڀڃڪڙي آھي ذاتي دشمنين ۾ وڏيرا پوليس کي استعمال ڪري بيگناھه ماڻهو مارائيندا آھن، افسوس پاڪستان جي عدالتن تي ٿو ٿئي جيڪي خاموش آھن، محمد حسن بلوچ لکيو ته امن و امان کپي نه ڪي اهو هاف فراءِ، جنهن سان ڪيترا ئي خاندان برباد ٿيندا، گل شير ميمڻ لکيو ته تمام بهترين عمل سنڌ پولس جو، سنڌ ۾ وڌندڙ ڏوهن جي خلاف پولس جو اھو عمل قابل تعريف آهي، نياز ڪلوئي لکيو ته اهو عمل نه ڪرڻ گهرجي، عدالتون موجود آهن، پوءِ هاف فراءِ يا فل فراءِ جي هڙي ضرورت آهي، عبدالقادر مري لکيو ته غلط عمل آهي، سزا ڏيڻ عدالت جو ڪم آهي،

ساگر علي رضا لکيو ته هي سلسلو سراسر غلط آهي اهو بند ڪيو وڃي، وحيد ڄامڙو لکيو ته سنڌ اندر پوليس جڙتو مقابلن جي ڀرمار مچائي ڇڏي آھي سنڌ پوليس پنھنجي عدالت لڳائي ويٺي آھي ڪيترن ئي نوجوان کي ڪوڙن مقابلن ۾ ماريو ويو آھي ڪيترن ئي نوجوان کي ھاف فراءِ ڪري معذور بڻائي ڇڏيو جيڪا انساني حقن لتاڙ آھي انساني حقن جون تنظيمون ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان مامري جو نوٽيس وٺي فل فراءِ ۽ ھاف فراءِ وارو عمل بند ڪرايو وڃي، خاموش خليل شر لکيو ته سنڌ پوليس کي گهرجي ته ڏوهارين کي پڪڙي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي عدالتي ڪاروائي ڪري سزا ڏني وڃي، باقي اڄ ڪلھه جڙتو مقابلا ڄاڻي واڻي غريب پورهيت ماڻھن کي هاف فراءِ ڪيو ويندو آهي اهو غلط عمل آهي ڏوهارين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سزا ڏني وڃي.

غلام رسول راهمون لکيو ته سراسري زيادتي آھي وڏيرن جي ونگار وهندي نوجوانن جو بيگناهه رت وھايو وڃي ٿو. علي عباس جمالي لکيو هت سنڌ پوليس جي اهڙي عمل جي آجيان ڪريون ٿا، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته تمام بهترين عمل آهي، اعجاز کوسو لکيو ته سنڌ پوليس کي سلام پيش ڪريون ٿا سنڌ ۾ ڌاڙيلن غريب عوام جو جيڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، اسلم خان لکيو ته جيڪي غريبن جون چوريون ڪري رهيا آهن انهن سان اھو ڪم ڀلي جاري ھُجي، حبيب الله عمراڻي لکيو ته پوليس جو اهو عمل بهترين آهي، سهيل احمد شر لکيو ته جيڪڏهن ڪو ڏوهاري آهي ته ڀلو ڪم آهي، مسرور شر لکيو ته پوليس جو سٺو عمل آهي ڏوھارين ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، شبير حسين ڀوت لکيو ته ھاف فراءِ نه ڪن ته ٻيو ڇا ڪن ڪورٽن مان ڏوھاري ڇڏيو وڃن ٿا،

محمد اسماعيل لانگاهه لکيو ته لڳي ته بهتر ٿو پر في الحال ته امن ٿيندو پر ان ۾ پوليس ڪُجھه لاپرواهي جو مظاهرو ڪندي پر جيڪو ڏوهن ۾ ملوث ھجي انهن لاءِ سزا خاطر اهو فيصلو درست آهي، صدام خان به سٺو عمل قرار ڏنو، نماڻو نوناري لکيو ته اصل ڏوهارين کي فل فراءِ ڪرڻ گهرجي، اي واجد ۽ ساجد علي چنڙ به درست عمل قرار ڏنو، خير محمد مگسي لکيو ته جيڪڏهن ھاف ۽ فل فراءِ حقيقت به اصل ڏوهارين جو ڪيو پيو وڃي ته منهنجي نظر ۾ هڪ بهترين عمل آهي ان سان وڌندڙ وارداتن ۾ گهٽتائي ايندي ڏوهارين ۽ ڏوهه جو خاتمو ايندو پر جيڪڏهن سياسي بنيادن تي بيگناهه ماڻهن کي ھاف ۽ فل فراءِ ڪيو ويندو ته نه صرف ڏوهن ۾ واڌ ايندي ۽ امن امان جي صورتحال به خراب ٿيندي پوليس کي گهرجي ته هو حقيقتي مقابلا ڪري ڏوهارين جو خاتمو آڻي، وقار حسين لکيو ته جيڪڏهن ڪير ڏوهاري آهي ته ان سان اهڙو ورتاءُ ڪري سگهن ٿا.