غير محفوظ صحافي ڪيئن ذميواري ادا ڪندا؟

0
150
سنڌ کي اسلام آباد جي وائسراءِ ذريعي ھلائڻ جي سازش

 ٻن ٽڪن جي صحافين جي پروپئگنڊا، غلط ۽ بي بنياد خبرن جي ڪري منھنجي حڪومت کي ختم ڪيو ويو. اھي لفظ شھيد محترمه بينظير ڀٽو جا آهن جنھن جي نومبر 1996ع ۾ ان وقت جي صدر سردار فاروق احمد لغاري ڪرپشن ۽ ٻين الزامن تي حڪومت ختم ڪئي ھئي. حڪومت جي برطرفي کان پوءِ محترمه بينظير ڀٽو پھريون ڀيرو لاھور ۾ پارٽي جي سيمينار کي خطاب ڪندي مٿي ذڪر ڪيل لفظ استعمال ڪيا ھئا ته ٻن ٽڪن جي صحافين جي پروپئگنڊا بي بنياد الزامن جي بنياد تي سندس حڪومت کي ختم ڪيو ويو جڏهن ته منھنجي ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽو کي شهيد ڪري سازش تحت حڪومت ختم ڪئي وئي. تقريبن 27سالن جي ڊگھي عرصي کان پوءِ محترمه بينظير ڀٽو جا چيل لفظ ياد اچي ويا آهن ته جنھن وقت سوشل ميڊيا جو تصور به نه هو خانگي نيوز چينلز جو ڪنھن جي خواب خيال ۾ نه ھوندو ھو ڇو ته ان وقت سرڪاري پي ٽي وي جنھن تي صرف حڪومتي ساراھه وزيراعظم، صدر کان ويندي وزيرن جي خبرن کان سواءِ ٻي ڪابه نيوز نظر نه ايندي ھئي باقي جيستائين پرنٽ ميڊيا جو تعلق ھو ته ماڻھن کي ڪنھن به واقعي جي حوالي سان اخبار ۾ شايع ٿيل خبر مان ئي ڄاڻ ملندي هئي.

اڪثر سياسي قوم پرست اڳواڻ توڙي ڪارڪن صبح صبح جو سوير اخبارون گھرائي پنھنجو جاري ڪيل بيان يا وري ڪنھن جلسي ۾ڪيل تقرير پريس ڪانفرنس جي تلاش ڪندا هئا ته کين ڪوريج ملي يا نه جڏهن اخبارن ۾ سندن نالو شايع ٿيل ھوندو ھو ته سڄو ڏھاڙو خوشي مان گذري ويندو هو.

اڪثر ڪجھه سنڌي اخبارن کي مولابخش چانڊيو جھڙا سياسي اڳواڻ راڄوڻي نالا ڏئي گھرائيندا ھئا ته جيڪڏهن راڄ ڀاڳ جي خبر وٺڻي آھي ته پوءِ فلاڻي اخبار گھرائي ڏسو جنھن ۾ خوشي غمي سميت ھر قسم جي ڄاڻ ملي ويندي. ان کان پھرين ڊڪٽيٽر ضياءُ جي مارشل لا دور ۾ پرنٽ ميڊيا تي سينسر شپ لڳائي وئي ھئي ته ملڪ جي اندر خاص طور تي سنڌ جي سياسي ، قوم پرست ،دانشور سڄاڻ حلقن سميت عام ماڻهو بي بي سي جي سيربين پروگرام جو چاھت سان انتظار ڪندا هئا، ڇو جو صحيح خبر ملندي هئي جنھن ۾ سياسي اڳواڻن ڪارڪنن جي گرفتاري کين ڪوڙا ھڻڻ جا واقعا شامل ھوندا ھئا.

ان دور ۾صحافين  کي ميڊيا جي آزادي جو آواز اٿارڻ تي ڪوڙا هنيا ويا  جيلن ۾ قيد ڪيو ويو،ڦاهيون ڏنيو ويون،  ليڪن اھو دور ڊڪٽيٽر جو دور هو جنھن ۾ ڳالھائڻ جي آزادي جو تصور نه هو. ھاڻي جڏھن سوشل ميڊيا جو دور انٽرنيٽ جي اھڙي سھولت سان گڏ خانگي نيوز چينلز جو وڏو تعداد اچي ويو آهي جتي شام رات ٿيندي تجزيا نگارن جي تبصرن جي ڀر مار شروع ٿي ويندي آهي سياسي اڳواڻن جي ڄنڊا پٽ ھڪ ٻئي جي مٿان ڪرپشن ، بدعنوانين ۽ غداري جا الزام لڳائڻ معمول جو حصو بڻجي ويو آهي ڪيترن ئي خانگي چينل اينڪرن تي سياسي جماعتن جو حامي ھئڻ جو پڻ الزام لڳايو پيو وڃي، مٿان وري ڪجھه ميڊيا نمائندن ۽ اينڪرن تجزيا نگارن تي سڌي اڻ سڌي اسٽيبلشمينٽ جو ٺپو ھنيو پيو وڃي حڪومتي وزير ان حوالي سان ٻه قدم اڳتي نڪري حامين ۽ مخالفن جي درميان لڪير ڇڪي ڇڏي آهي.

ان ڳالهه جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگھجي ٿو ته ڪجھه ڏينهن پھرين ڪينيا ۾ صحافي اينڪر ارشد شريف جي قتل کان پوءِ ملڪ جي اندر ھڪ طرف صحافين پاڻ کي غير محفوظ ھئڻ جو تصور شروع ڪري ڏنو آهيته ٻئي طرف پي ڊي ايم اتحادين تي مشتمل شھباز حڪومت جي تقريبن ڇهن مهينن جي دوران ملڪ جي مختلف علائقن شھرن توڙي ڳوٺن ۾ صحافين تي حملا ، ڪيس داخل ڪرڻ سان گڏ ڪيترن ئي کي قتل ڪيو ويو جنھن جا ڪيئي مثال ڏئي سگهجن ٿا. صحافي ارشد شريف جي مٿان غداري سميت مختلف نوعيت جا ڪيس داخل ڪيا ويا بقول سندس والده جي ته سندس پٽ کي نه صرف ڌمڪيون ڏنيون وينديون ھيون بلڪه ھر وقت سندس پيڇو ڪيو ويندو هو جنھن جي ھن صدر عارف علوي کي خط لکي ڄاڻ پڻ ڏني ھئي، جنھن کان پوءِ هو پنھنجي زندگي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ وقتي طور تي ملڪ مان نڪري ويو پر زندگي ساٿ نه ڏنو قاتل جو نشانو بڻجي ويو، جنھن جي حڪومت عدالتي ڪميشن جي ذريعي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

پاڪ فوج جي اداري به حڪومت کي خط لکي ان جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي ليڪن ارشد شريف جي والده اھڙي ڪميشن جي انڪوائري تي عدم اعتماد ڪري ڇڏيو آهي حقيقت۾ ڏٺو وڃي ته پھرين ان ڳالهه جو جائزو وٺڻ گهرجي ته اھي ڪھڙا ڪردار ماڻھو ھئا جن ارشد شريف جي خلاف ڪيس داخل ڪرايا جيڪڏهن حڪومت پاڻ ان جو سنجيدگي سان جائزو وٺي ته گھڻي حد تائين پھچي سگھي ٿي ڇو ته ان واقعي کان پوءِ ھر صحافي پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رھيو آھي. ان حد تائين جو اينڪر معيد پيرزادي سميت ڪجھه صحافي پاڻ کي غير محفوظ سمجھندي ٻاھرين ملڪن ڏانهن ھليا ويا آهن. حالانڪه ارشد شريف جي قتل کان پوءِ ان ڳالهه جو ڪنھن کي به يقين ناھي ته ٻاھر محفوظ رھي سگھن ٿا. اھو تاثر ملڪ ۾ مارشل لا ھجي ۽ ڊڪٽيٽر شپ جو دور ھجي ته پوءِ ڪنھن کي معيار نٿي ڏئي سگھجي

ھن وقت سياسي قيادت جي حڪمراني جنھن ۾ پي ٽي آئي کان سواءِ باقي تقريبن تمام جماعتون حڪومت ۾شامل آهن جن جي ڪھڙي نه ڪھڙي حوالي سان جمھوريت لاءِ قربانيون ڏنل خاص طور تي پيپلزپارٽي جون قربانيون وڌيڪ آھن جنھن کي ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي باقي ته دنيا به چئي ڇڏيو آھي ته پاڪستان صحافين جي حوالي سان غير محفوظ ملڪ آهي جتي عزيز ميمڻ کي بيدردي سان شهيد ڪيو ويو ڪراچي ۾ اينڪر حامد مير تي حملو ڪيو ويو سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي ۽ وفاق ۾ نواز شريف جي حڪومت ھئي ڪميشن جوڙي وئي جنهن جو ڪوبه نتيجو نه آيو. لڳي نٿو ته ماضي جي ڪميشنن وانگر ارشد شريف جي قتل جي جاچ ڪميشن ڪنھن نتيجي تي پھچندي ان لاءِ کين ٻه ٽڪي جو ڀلي سمجھو پر کين ذميواري ادا ڪرڻ ڏيو. غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي جن غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهايا انھن کي ڇا مليو سواءِ بدنامي جي  داغ کان. باقي حق سچ کان روڪڻ ڊڪٽيٽر شپ جي ياد کي تازو ڪرڻ کان وڌيڪ ڪجھه ناھي.