ڪراچي (نمائندن وٽان) عيد ميلادالنبي اڄ ملهايو ويندو، مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون. ان ڏس ۾ سکر ۾ سني تحريڪ طرفان درگاھ جيئي شاھ کان مشعل بردار ريلي  ڪڍي وئي، لاڙڪاڻي ۾درگاهه مشوري شريف ۾ ٻن ڏينهن واري محفل جشن عيد ميلاد النبي ﷺ ڪانفرنس شروع ٿي وئي آهي. عاشقان رسول ﷺ درگاهه مشوري شريف پهچي عقيدت جا گل نڇاور ڪندا رهيا.حيدرآباد ۾ رات دير سان ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي ولادات باسعادت جي ڏينهن جي شروعات ٿيندي ئي مختلف هنڌن تي درود پاڪ جون محفلون منعقد ڪري ڪيڪ ڪٽيا ويا. اڄ ميلاد جي حوالي سان سٽي، لطيف آباد، قاسم آباد ۽ ٻهراڙي واري تعلقي ۾ جلوس نڪرندا جيڪي روايتي رستن تان ٿي پريس ڪلب پهچندا. ان حوالي سان سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪي اويا آهن. ٺل ۾ 12 ربيع الاوال جي حوالي سان مولانا محمد جعفر ڊول جي اڳواڻي ۾ بئراج پل کان ريلي ڪڍي وئي.جاتي ۾ پاسبان اهلسنت جماعت جي مرڪزي اڳواڻ مولوي محمد امين نوراني،مولانا بشير احمد جتوئي نعيمي سائين مير جان جت نعيمي،گل حسن ٿهيم نعيمي جي اڳواڻي سوين گاڏين ٽريڪٽرن سوزوڪي پڪ اپ موٽر سائيڪلن چنگچي رڪشائن جي ريلي ڪڍي وئي. ٽنڊو محمد خان جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي مخدوم بلاول ڪاليج ، دارلعلوم هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس جي تقريب منقعد ٿي.گلاب لغاري ۾ ھر سال جيان ھن سال به ٽنڊوالھيار في سبيل الله اڪيڊمي پاران ٽريلر ريلي جو انعقاد ڪيو ويو عيد ميلا دالنبي صلعم ريلي لطيف ڀائي جي اڳواڻي ۾ چمبڙ  پهتي.ڪڙيوگهنور  ۾  12 ربيع الاول جي مناسب سان عيدميلادالنبي   ﷺ جي شان۾  اھليسنت پاران   مولوي محمد آدم   سڪندري،، جي اڳواڻي ۾  درگاه  حضرت خليفه محمودفقير  رح کان شاندار ريلي ڪڍي وئي.ٿاڻوبولاخان  گورنمينٽ اليمينٽري اسڪول ٿاڻوبولاخان نمبر 2 ۾ جشن عيدميلادالنبي ص جي سلسلي ۾ پروگرام ٿي گذريو.پليجاڻي ۾  12 ربيع الاول جي مناسب سان محفل ميلاد مصطفيٰ ﷺ جي شان۾  اھليسنت جي اڳواڻ مولوي رجب علي سڪندري جي اڳواڻي ۾ شاندار ريلي ڪڍي وئي.ھالا پراڻا ۾ ٻنھي جھانن جي سردار حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي جي آمد جي سلسلي۾ حاجي يار محمد صدر ٽرسٽ  ھالا پراڻا جي تعاون سان ھڪ تقريب منعقد ڪئي ويئي، تقريب ۾ ھالا پراڻا جي مختلف اسڪولن جي شاگردن حصو ورتو. مٽياري جي ڪوثر بيبي مسجد کان نويد اقبال ميربحر، دائود ميربحر، محمد پنيل ساند، نورنبي ميمڻ، رجب ملاح ۽ ٻين سوين عاشقان رسول ﷺ پاران عظيم الشان جشن ميلاد نبي ﷺ ريلي ڪڍي وئي.ڪشمور ۾ تنظيم اصلاح الفقريٰ حسينيه نقشبنديه طرفان نور مصطفيٰ مسجد شريف کان جشن عيد ميلاد النبي ريلي ڪڍي وئي،رتيديري ۾ سني رابطه ڪائونسل پاران مسجد امي عائشه صديقه کان مولانا احمد حسين بگٽي ، مولانا عبد الباسط فاروقي ، علامه غلام صديق حيدري جي اڳواڻي ۾ تحفظ ناموس رسالت ريل ڪڍي وئي.جمال شاهه ۾ جماعت اصلاح المسلمين پاران طالب حسين مشوري طاھري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،قاضي احمد شھر جي جتوئي محلي جي گلزار مدينا مسجد کان جشن عيد ميلادالنبي صه جي سلسلي ۾ مولانا دلدار احمد طاھري، مولانا شڪيل احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، دوڙ جي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ جشن عيد ميلادالنبي جي حوالي سان تقريب ٿي، جنهن ۾ شاگردن ۾ نعت ۽ تقريري مقابلا ڪرايا ويا، جڏهن ته کٽيندڙن شاگردن ۾ انعام ورھايا ويا، ڦل جي درگاهه سخي شعبان شھيد ڀرسان خليفه فقير جان محمد سومرو جي آستاني تي جشن عيد ميلاد النبي جي حوالي سان محفل نعت تقريب ٿي، جنهن ۾ اصغر شاھ روموي، عطا محمد روموي، حافظ حنيف شاهه، ۽ ٻين شرڪت ڪئي،سکر  ۾ سنڌوءَ ۾ حافظ حامد محمود فيضيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ٻيڙين تي ريلي ڪڍي وئي، لب و مھراڻ وٽان سنڌوءَ مان نڪرندڙ ريلي لينسڊائون، خواجا  خضر جي درگاھ کان ٿيندي واپس ساڳي ھنڌ اختتام پذير ٿي، جڏهن ته مختلف سرڪاري توڙي نجي اسڪولن ۾ ميلاد مصطفيٰ جون تقريبون منعقد ڪيون ويون. سلطانپور ۾ درگاھ حنيف آباد شريف جي گادي نشين ميان محمد واصل سھروردي ۽  امان الله سھروردي جي اڳواڻي ۾ شاندار جلوس درگاھ حنيف آباد کان ڪڍيو ويو جيڪو مختلف روٽن کان ٿيندو واپس شام جي وقت ساڳي ھنڌ پھتو.