اسلام آباد: سنڌ صوبي مان قومي اسيمبلي ۽ سنڌ اسيمبلي جي چونڊيل اڪثر عورت ميمبرن پنهنجن اثاثن ۾ پاڻ  کي زرعي زمين جو مالڪ نه ڄاڻايو آھي، ڪجھه عورت ميمبرن پاڻ کي زرعي زمين جو مالڪ ظاهر ڪيو آھي.  سنڌ اسيمبلي ميمبر هير سوهو 420 ايڪڙ ايراضي  تي ٻڌل فش فارم ظاهر ڪيو آھي سنڌ اسيمبلي ميمبر فريال ٽالپر ڪل 434 ايڪڙ زرعي زمين ظاهر ڪئي آھي جنهن ۾ فريال ٽالپر جي ذاتي نالي تي  102 ايڪڙ زرعي، سندس مڙس ميرمنور ٽالپر جي نالي تي 238 ايڪڙ، سندس ڌي فاطمه جي نالي تي 94 ايڪڙ زرعي زمين شامل آھي ، سنڌ اسيمبلي ميمبر عذرا فضل پيچوهو ڪل 443 ايڪڙ زمين ظاهر ڪئي آهي،  جنهن ۾ سندس  پنهنجي نالي 165 ايڪڙ، مڙس فضل الله پيچوهو  جي نالي تي 275 ايڪڙ زرعي زمين پنهنجي اثاثن ۾ ڄاڻائي آهي، سنڌ اسيمبلي ميمبر شرميلا فاروق 135 ايڪڙ زرعي زمين، سنڌ اسيمبلي ميمبر ندا کهڙو  113 ايڪڙ، ريحانا لغاري 98 ايڪڙ زمين، ڪلثوم چانڊيو 44 ايڪڙ، جي ڊي اي جي سائرا بانو 50 ايڪڙ زمين، مهرين ڀٽو  راڻيپور ۾ 15 ايڪڙ زمين، مسرت رفيق مهيسر 10 ايڪڙ، نصرت سحر عباسي 9 ايڪڙ زمين، خيرپور مان چونڊيل نفيسا شاهه 2 ايڪڙ، نزهت پٺاڻ 20 ماليت جي زمين،ڊاڪٽر فهميده مرزا 84 لک رپين جي ماليت جي  زرعي پنهنجي اثاثن ۾ ظاهر ڪئي آهي جنهن ايراضي نه ڄاڻائي وئي آھي  شمس النساءَ ميمڻ گهوڙا ٻاري ۾ خانداني زمين جو اثاثن ۾ ذڪر ڪيو آهي پر ان جي نه قيمت نه ايراضي ڄاڻائي وئي آهي.