عوام پيٽرول ۽ بجلي جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ خلاف سراپا احتجاج بڻيل

0
159
عوام پيٽرول ۽ بجلي

ڪراچي: عوام پيٽرول ۽ بجلي جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ خلاف سراپا احتجاج بڻيل، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مهانگائي خلاف شهرين پاران مظاھرا ڪيا ويا آھن

نوشهروفيروز، خيرپور، قمبر، نيو سعيد آباد، نواب شاهه ۽ ٽنڊو رحيم ۾ احتجاج، بخشاپور ۾ چڪي مالڪن احتجاج طور ڪارخانا بند ڪري ڇڏيا

 ميرپور ماٿيلو ۽ لاڙڪاڻو ۾ ٽئڪسي ڊرائيورز به رستن تي نڪري آيا، مظاهرين جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ بعد عام واهپي جي شين جا اگهه به چوٽ چڙهي ويا آهن

شھرين موجب غريب طبقو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي، پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ واپس وٺي مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو

ھي به پڙھندا

حڪومت پيٽرول ۽ بجلي کانپوءِ گئس به مهانگي ڪري ڇڏي