عمرڪوٽ (رپورٽر) عمر ڪوٽ ۾ ايس يو پي پاران پريس ڪلب آڏو منشيات جي وڪري، بدامني ۽ مھانگائي خلاف ٽئين ڏينھن به بک ھڙتال ڪئي وئي، جتي حاجي ساند، گل بجير، مھر علي سمون ۽ ٻيا بک ھڙتال تي ويٺا، اڳواڻن چيو ته بک ھڙتال مسئلن جي حل تائين جاري رھندي، جيڪڏهن نوٽيس نه ورتو ويو ته جلد حڪمت عملي جوڙي تحريڪ هلائي ويندي، هنن مطالبو ڪيو ته شهر مان منشيات جي وڪري ۽ بدامني کي ختم ڪرائڻ لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن.