عمرڪوٽ (رپورٽ: الياس ٿري) سنڌ جي تعليم واري وزارت پاران غيرفعال ۽ بي بنياد اسڪول بند ڪرڻ وارو مامرو، تعليم کاتي پاران عمرڪوٽ ضلعي جا 417 پرائمري اسڪول بند ڪرڻ جي منظوري، لسٽ پڌري، رپورٽ موجب سنڌ جي تعليم واري وزارت پاران غيرفعال ۽ بي بنياد اسڪول بند ڪرڻ واري فيصلي جي سلسلي ۾ عمرڪوٽ ضلعي جي 417 پرائمري اسڪولن کي بند ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، جنهن جي حتمي لسٽ پڻ پڌري ڪئي وئي آھي، تعليم واري وزير سردار علي شاهه جي اباڻي ڳوٺ يوسي کاروڙو سيد جا به 13 اسڪول ناڪاره نڪتا، جن جا نالا اسڪول بند ڪرڻ واري لسٽ ۾ شامل آھن، جڏھن ته غير فعال ڄاڻائي بند ڪرڻ لاءِ جاري ڪيل لسٽ ۾ تعلقي ڪنري جا 52 پرائمري اسڪول شامل آھن، صوبائي وزير تعليم جي تڪ تعلقي پٿورو جا 107  اسڪول به ناڪاره نڪتا جن کي به بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، ان حوالي  سان مليل معلومات موجب سڀ کان وڌيڪ تعلقي عمرڪوٽ جا 227  پرائمري اسڪول ناڪاره قرار ڏئي بند ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آھي، جڏھن ته 50 جي لڳ ڀڳ اھڙا اسڪول به ظاھر ٿيا آھن جيڪي هٿ ٺوڪيا نڪتا ۽ انھن جو ڪو وجود ئي نه ھو، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊي اي او پرائمري دوارڪو مل درزي ٻڌايو ته ڪجھه اعتراض واريون درخواستون مليون اھي به اڪلايون ويون آھن، 417 پرائمري اسڪول ختم ڪيا ويا آھن، بند ٿيل اسڪولن ۾ مقرر استادن، پٽيوالن، چوڪيدارن ۽ ٻئي اسٽاف کي فنڪشنل اسڪولن ڏانھن شفٽ ڪيو ويندو جن جا پروپوزل تيارين جي آخري مرحلي ۾ آھن.