اسلام آباد (بيورو رپورٽ) توشه خانه ريفرنس ۾ عمران خان پنهنجي نااهلي خلاف درخواست اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي. عمران خان نااهلي خلاف درخواست جي ٻڌڻي سڀاڻي سومر تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ڪندو. عمران خان اليڪشن ڪميشن طرفان نااهل قرار ڏيڻ وارو حڪم اسلام آباد هاءِڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو، عمران خان جي قانوني ٽيم رجسٽرار آفيس جا سمورا اعتراض ختم ڪري ڇڏيا آهن.