ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر ۽ اڳوڻي وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته لانگ مارچ ۾ شرڪت لاءِ سڀاڻي سومر تي ڪراچي جي ٽول پلازا کان روانا ٿينداسين، پهرين حيدرآباد پوءِ اڳتي وينداسين، رستي ۾ هر جاءِ تي استقبال لاءِ ڪيمپون لڳل آهن، هن چيو ته هن ملڪ ۾ فتني جي پاڙ آصف علي زرداري، شريف خاندان، الطاف حسين ۽ مولانا فضل الرحمان آهن، انهن عوام جو پئسو لٽيو آهي، عمران خان جي دور ۾ پاڪستان جي آمريڪا ۾ وڏي عزت هئي، جيڪا هاڻي ناهي رهي، هن چيو ته حڪمران هاڻ ارشد شريف جي قتل تي به سياست پيا ڪن، واقعي جي جاچ ڪاميٽي جو سربراه وري راڻا ثناءِ الله کي مقرر ڪيو ويو آهي، هن چيو ته هتي سنڌ ۾ بندوق جي نالي تي حڪمراني هلي ٿي، اسان کي مارڻو اٿئو ته ماري ڇڏيو، اسان جي رستا روڪ ڪئي وئي ته ذميواري حڪومت تي هوندي، دعا ڀٽو ۽ حليم عادل جي وچ ۾ اختلافن بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هي حليم عادل جو فيملي جو مسئلو آهي، اسين مريم نواز وانگر ڪريل حرڪت نه ڪنداسين،.