علامه سعد رضوي جو نالو فورٿ شيڊول جي فهرست مان ڪڍيو ويو

0
275
ٽي ايل پي سربراهه

ڪراچي(م ڊ) تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) جي سربراهه علامه سعد رضوي جو نالو فورٿ شيڊول جي فهرست مان ڪڍيو ويو آهي، پنجاب جي گهرو وزارت طرفان 487 ماڻهن جا نالا فورٿ شيڊول جي فهرست مان ڪڍيا ويا جن ۾ ٽي ايل پي سربراهه سعد رضوي جو به نالو شامل آهي

گهرو ايڊيشنل چيف سيڪريٽري جي طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سعد رضوي جو نالو فورٿ شيڊول مان ڪڍڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ انٽيلي جنس ڪميٽيون پنهنجون سفارشون پيش ڪيون هيون

پنجاب حڪومت جي طرفان جاري ڪيل نوٽفڪيشن موجب فورٿ شيڊول مان نالو ڪڍڻ جي لاءِ لاڳاپيل ضلعي جي پوليس رپورٽ تي ڪارروائي ڪئي وئي آهي ۽ هن وقت تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي 577 ماڻهن جا نالا فورٿ شيڊول جي فهرست مان ڪڍيا ويا آهن

واضح رهي ته 16 اپريل 2021 تي علامه سعد رضوي جو نالو فورٿ شيڊول جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو هو جيڪو هاڻي ڪڍيو ويو آهي