عدليه عمران خان تي داخل ڪيسن ۾ فولادي ڀت بڻجي بيهي رهي آهي: وزيراعظم

0
217

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عدليه عمران خان تي داخل ڪيسن ۾ فولادي ڀت بڻجي بيهي رهي آهي، ڇا عدالت عمران خان جي ڪوڙين دعوائن جو به ڪڏهن نوٽيس ورتو آهي؟ عمران نيازي رٿابندي تحت حساس ٺڪاڻن تي حملا ڪرايا

وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته  9 مئي پاڪستان جي تاريخ جو المناڪ ڏينهن هو، جيڪو ڪجهه ٿيو ان کان وڌيڪ ملڪ دشمني ٻي ڪهڙي هوندي

وزيراعظم چيو ته بينظير ڀٽو جي شهادت تي به ڪنهن فوجي ٺڪاڻن جو رخ نه ڪيو، آصف زرداري پاڪستان کپي جو نعرو هنيو ۽ قائد جو پاڪستان بچي ويو

هن جو چوڻ هو ته  جعلي ڪيسز ۾ سياسي قيادت کي جيل اماڻيو ويو، ڇا ان وقت ڪنهن پاڻمرادو نوٽيس ورتو؟ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين

هي به پڙهندا

عمران خان جي سمورن ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت منظور: ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم

جيڪو ڪجهه ٿيو ان جو ذميوار هڪ شخص آهي ۽ اهو آهي آرمي چيف: عمران خان