عدالت تي دهشتگردي کي تحفظ ڏيڻ جو الزام: پي ڊي ايم پاران سومر تي سپريم ڪورٽ آڏو ڌرڻي جو اعلان

0
148
سومر تي سُپريم ڪورٽ ٻاهران ڌرڻو هڻنداسين
سومر تي سُپريم ڪورٽ ٻاهران ڌرڻو هڻنداسين: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد: پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سومر تي سپريم ڪورٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويندو

مولانا فضل الرحمان عمران خان جي آزادي بابت عدالتي فيصلي تي ردعمل ڏيندي چيو ته اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان جي عدليه ڪٿي بيٺي آهي ۽ ڪيئن آئين ۽ قانون کي اورانگهيندي فيصلا ٻڌائي رهي آهي

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ڊي ايم سربراهه چيو ته عدالت چئي رهي آهي ته عمران خان کي ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪيو وڃي ۽ اهو به چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ڪيس جي ڄاڻ ناهي ته ان ۾ گرفتار نه ڪيو وڃي

پي ڊي ايم سربراهه چيو ته ڇا اها رعايت ملڪ جي 3 ڀيرا وزيراعظم رهندڙ نواز شريف کي ڏني وئي؟، نواز شريف کي اسپتال ۾ داخل گهر واري سان ملڻ جي اجازت به نه ملي پر ائين لڳي ٿو ته عمران خان ڪو آسمان مان لٿل شخص هُجي سڀ سهولتون ۽ رعايتون رڳو هن کي ئي ملي رهيون آهن

هن کي به پڙهندا

عمران خان جي سمورن ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت منظور: ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم

عدليه عمران خان تي داخل ڪيسن ۾ فولادي ڀت بڻجي بيهي رهي آهي: وزيراعظم

جيڪو ڪجهه ٿيو ان جو ذميوار هڪ شخص آهي ۽ اهو آهي آرمي چيف: عمران خان