جيڪو ڪجهه ٿيو ان جو ذميوار هڪ شخص آهي ۽ اهو آهي آرمي چيف: عمران خان

0
153

القادر ٹرسٹ کیس: عمران خان کی درخواست ضمانت پر سماعت دوبارہ شروع

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي وقت صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي

عمران خان چيو ته خدشو آهي ته کيس ٻيهر گرفتار ڪيو ويندو، جيڪڏهن ٻيهر گرفتار ڪيو ويو ته ساڳيو ئي رد عمل ايندو، نٿو چاهيان ته اهڙي صورتحال پيدا ٿئي، سپريم ڪورٽ گهر واري سان فون تي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني هئي، ڳالهه ٻولهه نه ٿي سگهي هئي

صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ۾ عمران خان وڌيڪ چيو آهي ته جيڪو ڪجهه ٿيو ان جو ذميوار هڪ شخص آهي ۽ اهو آهي آرمي چيف، سمورن واقعن جو ذميوار آرمي چيف آهي

هُن کي خدشو هو ته مان اقتدار ۾ اچي هُن کي ڊي نوٽيفائي ڪري ڇڏيندس، مان ڪنهن کي به ڊي نوٽيفائي نه ڪريان ها

صحافي عمران خان کان سوال ڪيو ته ڇا توهان ڄمي بيٺا آهيو يا ڊيل ڪري ورتي آهي؟ عمران خان جواب ڏيڻ بدران مرڪندو رهيو، جنهن تي صحافي وري سوال ڪيو ته توهان جي خاموشي کي سمجهون ته ڊيل ٿي وئي؟

PTI leaders booked for attacks on GHQ, Lahore Corps Commander's residence

عمران خان جواب ۾ چپن تي آڱر رکي خاموش ٿيڻ جو اشارو ڪيو، عمران خان صحافين پاران پڇيل وڌيڪ سوالن جو جواب نه ڏنو

عمران خان وڌيڪ چيو ته مان اوهان سڀني کي سموري صورتحال کان آگاهه ڪري رهيو آهيان، جيڪڏهن ٻيهر گرفتار ڪيو ويو ته ساڳيو ئي رد عمل ايندو، مان نٿو چاهيان ته اهڙي صورتحال ٻيهر پيدا ٿئي، مون کي خدشو آهي ته ٻيهر گرفتار ڪيو ويندو، ضمانت رد ٿي ته مزاحمت نه ڪندس

هي به پڙهندا

وڳوڙ ۽ ڀڃ ڊاهه: ڪراچي ۾ 3 ڏينهن ۾ ڪيترو نقصان ٿيو؟

عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پهچي ويو، مظاهرين کي ڇڙو ڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس جي شيلنگ، گرفتاريون