ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪار عثمان مختار ھڪ عورت ميوزڪ ڊائريڪٽر تي گذريل ڏيڍ سال کان حراسان ۽ بليڪ ميل ڪرڻ جو الزام لڳايو ھي، انسٽا گرام اسٽوريز تي عثمان مختار پاران ھڪ ڊگھي اسٽوري شيئر ڪئي وئي آھي، جنھن ۾ اداڪار ھڪ سال کان وڌيڪ عورت ڊائريڪٽر پاران حراسان سوڌو گھروارن ۽ دوست مٽن مائٽن کي به نشانو بڻائڻ متعلق ٻڌايو، عثمان مختار پوسٽ ۾ لکيو ته گذريل ڏيڍ سال کان ھڪ عورت پاران حراسان، بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، ھن چيو تھ ھراسان متعلق ايف آءِ اي کي شڪايت ڪئي ھئي، عورت پاران اڃان بھ ھراسان ڪيو پيو وڃي، ذھني صحت متاثر ٿي آھي، ٿڪجي پيو آھيان، ھن چيو تھ مان ان عورت سان 2016 ۾ ان جي ھڪ ميوزڪ وڊيو جي لاءِ ڪم ڪيو ھو. ھن چيو تھ انصاف ڪيو وڃي.