عثمان شاھ ھڙي (ن پ ا) ايريگيشن سب ڊويزن ٽنڊو آدم ٽو جي اڏيرو لال سيڪشن جي ڀوڦاڙ ڊسٽري مان نڪرندڙ ٿاڻو مائنر شاخ ۾ ھڪ ھفتي کان پاڻي بند هجڻ سبب آبادگارن جا پوکيل فصل سڪي ويا آهن، جڏھن ته علائقي ۾ جر جو پاڻي کارو ۽ سنکيو مليل آھي جيڪو پيئڻ جي لائق ناهي، ان حوالي سان آبادگارن غلام قادر، عبدالرزاق ، عبدالله ۽ ٻين دانهيندي چيو ته پاڻي کوٽ سبب سخت پريشان آهيون، شڪايتن باوجود آبپاشي عملدار دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي شاخ ۾ پاڻي پهچائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.