عاليا ڀٽ راني مکرجي جي نئين فلم ڏسي روئي ويٺي

0
242
عاليا ڀٽ راني مکرجي جي نئين فلم ڏسي روئي ويٺي
عاليا ڀٽ راني مکرجي جي نئين فلم ڏسي روئي ويٺي

نئين دهلي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ انڪشاف ڪيو آهي ته راني مکرجي جي نئين فلم “مسز چٽر جي بمقابلا ناروي” ڏسڻ کانپوءِ منهنجي سڄي رات پنهنجي والده ۽ ڀيڻ سان گڏ روئندي گذري

عاليا ڀٽ پنهنجي والده سوني رازدان ۽ وڏي ڀيڻ شاهين ڀٽ سان گڏ ڇنڇر تي راني مکرجي جي فلم “مسز چٽر جي بمقابلا ناروي” جي اسڪريننگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ ٽنهي سينما ۾ گڏجي اها فلم ڏٺي

بالي ووڊ اداڪارا فلم ڏسڻ کانپوءِ انسٽاگرام تي پنهنجي جذبن جو اظهار ڪندي ٻڌايو ته مان فلم دوران روئي ويٺي هئس ۽ هڪ ماءُ هئڻ سبب ان فلم جي ڪهاڻي مونکي گهڻو متاثر ڪيو آهي

عاليا ڀٽ پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ فلم جي ٽيم کي مبارڪ ڏيندي لکيو ته “مسز چٽر جي بمقابلا ناروي” هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي جيڪا سڀني کي ٻڌائڻ گهرجي ۽ منهنجي لاءِ اها ڪهاڻي خاص طور تي هڪ نئين ماءُ طور گهڻي ويجهو هئي